حڪمران ڌر جي چرچ تي امتياز ايري کي شهيد ڪيو ويو آهي: قادر مگسي

حيدرآباد (پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ايس ٽي پي ڪارڪن امتياز ايري جي قتل ۽ مدثر لاشاري کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جي حيدرآباد واري احتجاج مان اسان جا ڪارڪن موٽي رهيا هئا ته انهن مٿان حڪمران ڌر جي هُشي تي جگنو ميمڻ نالي همراه حملو ڪيو. جنهن ۾ اسان جو هڪ ساٿي امتياز ايري  شهيد ٿي ويو آهي ۽ مدثر لاشاري سخت زخمي ٿي پيو آهي. هن قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪجي ٿي. اسان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور جگنو ميمڻ کي گرفتار ڪري ان خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي حيدرآباد م قاتلاڻي حملي ۾ شهيد ٿي ويندڙ نوجوان امتياز ايري جي جنازي نماز  سندس اباڻي ڳوٺ خان محمد ايري لڳ ٽنڊو غلام علي زرداري روڊ ماتلي ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي قيادت سميت ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ مختلف مڪتب فڪر سان واسطو رکندڙ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.