سڪرنڊ/ صابو راهو (رپورٽ: راج ڪمار اوڏ+ رياض بلوچ) سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ مير عيوض انڙ ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان ڀائيٽن موٽر سائيڪل سوار پنهنجي چاچي غلام حسين کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول جو لاش پوليس معرفت تعلقي اسپتال سڪرنڊ آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. اسپتال ۾ موجود سندس پٽ محمد حنيف انڙ ٻڌايو ته بابا ۽ مان عدالت مان شنوائي بعد واپس اچي رهيا هئاسين ته اسان جي سئوٽن لياقت ، مير عيوض ۽ مقبول انڙ ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن اسان مٿان فائرنگ ڪئي جنهن ۾منهنجو بابا غلام حسين انڙ قتل ٿي ويو. اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي. رابطي تي ايس ايڇ او سڪرنڊ اصغر اعواڻ ٻڌايو ته جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.