ڪاڇي ۾ قتل ٿيل نظيران برهماڻي جو ڪيس داخل نه ٿيو، جوهي ۽ ڀانن ۾ ڌرڻا

ڀان سيدآباد /جوهي (رپورٽ: خادم عرف آدم مينگل+ اسماعيل پيرزادو) واهي پانڌي ۾ قبيلائي تڪرار دوران قتل ٿيل نظيران برهماڻي جو قتل ڪيس 2 ڏينهن گُذرڻ باوجود داخل نه ٿي سگهيو.مقتولا جي وارثن پاران 37 ڪلاڪن کان واهي پانڌي ٿاڻي آڏو ڌرڻو جاري رهيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن اميرزادي برهماڻي، نجمه برهماڻي، آمنه، سميران برهماڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  2 ڏينهن اڳ لاشاري برادري جي هٿياربندن عورتن مٿان سڌي فائرنگ ڪئي جنهن دوران هڪ عورت نظيران برهماڻي قتل ٿي وئي، واقعي واري ڏينهن ايس ايس پي دادو ڪيس داخل ڪرائڻ جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪرايو هو 28 ڪلاڪن کان واهي پانڌي ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻي ويٺل آهيون پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي. هنن چيف جسٽس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته هٿياربندن خلاف قتل ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف ڀان سيدآباد ۾ برهماڻي برادري جي ماڻهن طرفان مقتول نظيران برهماڻي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف لياقت برهماڻي، ماجد برهماڻي، محمود برهماڻي جي اڳواڻي ۾ پيرشاخ وٽ روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون، ڌرڻي سبب دادو-حيدرآباد انڊس هاءِ وي روڊ ٻنهي پاسن کان 3 ڪلاڪ بند رهيو. ان موقئي تي ڌرڻي دوران اڳواڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هڻندي چيو ته 2 ڏينهن اڳ واهي پانڌي ۾ لاشاري-برهماڻي تڪرار ۾ بيگناه مسمات نظيران برهماڻي کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، قاتل سري عام پيا گهمن، قاتلن کي پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.