ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شفيع صديقي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي نائب وزيراعظم بڻائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار وڪيل طارق منصور چيو ته عدالت جي حڪم تي اسحاق ڊار کي درخواست ۾ ڌر بڻايو ويو آهي، اسحاق ڊار کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪيو. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته پرويز الاهي کي ڊپٽي وزيراعظم بڻائڻ جو نوٽيفڪشن ۽ سندس خلاف عدالتي فيصلو ڪٿي آهي؟ وڪيل چيو ته ڪابينا ڊويزن کي گزٽ نوٽيفڪشن لاءِ لکيو آهي، وڪيل چيو ته دستاويز وصول ٿيندي ئي عدالت ۾ جمع ڪرايا ويندا. چيف جسٽس چيو ته عدالت دستاويز کان اڳ نوٽيس جاري نه ڪندي، پهرين عدالت کي مطمئن ڪريو پوءِ اڳتي وڌو، عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.