فيصل آباد (ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ چيمپئنز ون ڊي ڪپ ۾ ڊولفنز جي نمائندگي ڪندڙ فاسٽ بالر مير حمزا چيو آهي ته ريڊ بال جي بهترين ڪرڪيٽر لاءِ وائيٽ بال ۾ بالنگ ڪرڻ ڏکيو ناهي هوندو ڇوته ريڊ بال جو ترجبو اِهو ٻڌائي ڇڏيندو آهي ته ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪيئن، ڪهڙي ريت بالنگ ڪرڻي آهي.
فاسٽ بالر مير حمزا نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي پنهنجي ڪارڪردگي، ٽيم جي ڏکيائين ۽ مستقبل جي خواهشن جو اظهار ڪيو .
هن چيو ته جڏهن سندس ڪارڪردگي سان ٽيم کي فائدو پهچندو آهي ته کيس حقيقي خوشي ملندي آهي، هن ٻڌايو ته تازين ميچن ۾ سندس رڌم سٺو رهيو ۽ وڪيٽون به مليون آهن، پر بدقسمتي سان ٽيم ڪاميابي حاصل ناهي ڪري سگهي، ايندڙ ميچن ۾ ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
هڪ سوال جي جواب ۾ مير حمزا چيو ته هو پنهنجي ڪارڪردگي مان خوش آهي، عالمي سطح تي پرفارم ڪرڻ سان ذهني سڪون ملندو آهي، هن چيمپيئنز ون ڊي ڪپ جي اهيمت تي زور ڏيندي چيو ته ميگا ايونٽ تي سڀني جون نظرون کتل آهن ۽ چئن ميچن مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ۾ پليئر آف دي ميچ ايوارڊ کٽڻ سندس هدف آهي.
پنهنجي خواهشن جو ذڪر ڪندي مير حمزا چيو ته جيئن هو ريڊ بال ڪرڪيٽ ۾ سوڀارو رهيو آهي، اهڙي ريت وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ به پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ چاهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته هو هتي اِهو سوچي ناهي آيو ته سڀ کان گهڻيون وڪيٽون حاصل ڪرڻيون آهن يا وائيٽ بال ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻي آهي، سندس ذهن ۾ اِهو ئي هوندو آهي ته جنهن به ميچ ۾ کيڏان، ٽيم کي ڪاميابي ڏياريان.
You might also like