اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪنهن اداري کي اهو حق ناهي ته آئين جي پنهنجي مرضي سان تشريح يا وري پارليامينٽ کي ڪمزور ڪري.
نيوز ڪانفرنس ڪندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته پارليامينٽ بالادست ادارو آهي، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن کي پي ٽي آءِ ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.
هن چيو ته ڇا فلور ڪراسنگ کي ليگل نه ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن جي فارم کان وٺي پارليامينٽ ۾ حلفي بيان سميت سڀ ختم ڪيو ويو ۽ پي ٽي آءِ جوائن ڪرڻ جو چيو ويو، عوام جنهن کي پارليامينٽ ۾ موڪليو آهي، آئين ۽ قانون سازي ڪرڻ انهن جو حق آهي.
سندس چوڻ هو ته قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو آهي، هن سدائين بهتر انداز ۾ معاملا انجام ڏنا آهن.
وفاقي وزير چيو ته آئين قانون سازي ۽ قانون ٺاهڻ جو اختيار پارليامينٽ کي ڏنو آهي، 63 اي جي تشريح جو وارو آيو ته چيو ويو ووٽ ڪاسٽ ٿيندو پر ڳڻيو نه ويندو، سپريم ڪورٽ جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح آئين ٻيهر لکڻ جهڙي آهي.
You might also like