اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق اليڪشن ايڪٽ تحت مخصوص سيٽون الاٽ ڪرڻ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو.
قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکيو آهي ته پارليامينٽ جي خود مختياري قائم رکندي مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وڃن، جنهن پارليامينٽ ميمبر نامزدگي ڪاغذن سان گڏ پارٽي سرٽيفڪيٽ نه ڏنو، اهو آزاد تصور ٿيندو، اهي آزاد ميمبر جيڪي هڪ سياسي جماعت جو حصو بڻجي ويا، انهن کي پارٽي تبديل ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ اليڪشن ايڪٽ منظور ڪيو، صدر جي صحيحن کانپوءِ لاڳو ٿي ويو، اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ جي قانونن تي عمل ڪري، اليڪشن ايڪٽ تحت مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وڃن.
خط ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ماضي جي ايڪٽ تحت هو، جيڪو هاڻ لاڳو نه ٿيندو، هاڻ ترميم ٿيل اليڪشن ايڪٽ موجود رهندو، اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ ۽ جمهوري اصولن جي بالادستي يقيني بڻائي.
اسپيڪر خط ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ طرفان اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو ويو ته هڪ جماعت جي ميمبر کي ٻي جماعت ۾ شامل ڪيو وڃي، عدالتي فيصلي جو تاثر اهو آهي ته ڪنهن جماعت جي ميمبر کي ٻي جماعت ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو مهينن کانپوءِ آيو، جڏهن ميمبر اڳ ئي هڪ سياسي جماعت ۾ شموليت اختيار ڪري چڪا هئا، ايڪٽ تحت سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ڊڪليريشن جو ڪو اثر نه هوندو.
اليڪشن ايڪٽ تحت مخصوص سيٽون ڏنيون وڃن: قومي اسيمبلي اسپيڪر جو چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط
You might also like