جيڪب آباد ۾ زيادتي جو نشانو بڻيل پوليو ورڪر سان انصاف لاءِ ريلي

جيڪب آباد /ڪراچي (رپورٽ: حضور بخش سومرو+ رپورٽر)جيڪب آباد جي مظلوم متاثر ليڊي هيلٿ ورڪر عابده کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سنڌ دوست ڪاميٽي جي سڏ تي مختلف تنظيمن پاران شهيد الله بخش سومرو پارڪ کان هزارين ماڻهن جي تعداد ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾  سنڌ دوست ڪاميٽي جي مک اڳواڻن عوامي آواز سان ڳالهائيندي استاد انتظار حسين ڇلگري، سردار خالد خان جهلڻ، ۽ سندس حمايت ۾ شهري اتحاد جي صدر محمد ياسر ابڙو، پ پ ش ڀ جي نور محمد منجهو، جي يو آءِ جي ضلعي صدر ڊاڪٽر اي جي انصاري، ايس ٽي پي جي ضلعي صدر عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي، عبدالنبي مگسي، مهراڻ سوشل فورم جي عبدالحئي سومرو،سومرا ويلفيئر اڳواڻ حاجي گل حسن سومرو، پ ٽ الف جي ضلعي صدر عبدالجبار کوسو، ايس يو پي مقبول لاشاري، مير رحمت الله کوسو، جسقم امير علي سرڪي، سي ڊي ايف جان اوڍاڻو، خادم اوڍاڻو، گل بليدي، صوفي منصب شيخ، نوجوان شهري اتحاد جي سجاد گهنڃو، حنيف جکراڻي، سابقه سول سرجن ڊاڪٽر غلام محمد چنو، محمد عالم کوسو، شهزاد سومرو، عبدالسميع سومرو، خالد ٻرڙو، حيدري ڪيهر نثار ٽانوري، نظير لاشاري، نگار بروهي، سميت ليڊي هيلٿ ورڪرز ادي انجم پڻ خطاب ڪندي متاثر پوليو ورڪر کي انصاف فراهم ڪرڻ سميت تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز کي اهڙي نوگو ايريا ۾ وڃڻ تي  پوليس سيڪورٽي ڏني وڃي، ايس ايس پي جيڪب آباد، ڊي سي جيڪب آباد اثرائتا قدم کنيا وڃن ۽ اصل مسئلي جي انڪوائري ڪرائي وڃي. هوڏانهن پوليو ورڪر سان زيادتي جو سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو نوٽيس ورتو.صوبائي صحت واري وزارت جي ترجمان موجب، صحت واري وزير مقامي پوليس کي پوليو ورڪر جي رهائشگاهه جي چوڌاري سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ترجمان موجب عورت پوليو ورڪر پوليومهم جي ڪرنگي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي. صحت واري وزير به پوليو ورڪر کي معاوضو فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير کي درخواست ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.