ٿر ۾ جيون ڪٺن بڻيل، هڪ ڏينهن ۾ 5 ڄڻن آپگهات ڪري ڇڏيو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿر ۾ غربت، بُک، بيمارين ۽ گهرو اڻبڻت سميت زميني حالتون موت جو  سامان بڻجي ويون، هڪ ڏينهن ۾ 5 ڄڻن زندگين جو اَنت آڻي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ وڄوٽي ٿاڻي جي حد ۾ 17 ورهين  جي پريم ولد هيرو ڀيل وڻ ۾ ڦاهو کائي زندگي جو اَنت آندو، اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ سرنگهه واري ۾ نوجوان دولت ڀيل موت کي قبول ڪيو، ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڪويا لڳ مهرو جي ڍاڻي ۾ 45 ورهين جي عورت مروان زال تاراچند ڪولهي گهر اندر رسو ٻڌي ڦاهو کائي آپگهات ڪيو، ڏانو ڌانڌل لڳ ڳوٺ ھيراڙ ڏيٿا ۾  ھڪ ٻار جي ماءُ 24 ورهين جي حرمي زال دولت ميگھواڙ به گھر ۾ ڦاھو کائي خودڪشي ڪئي، مٺي جي ڳوٺ آمريو ۾ رحيما ڌيءُ مبارڪ جوڻيجو گهر اندر ڦاهو کائي خودڪشي ڪري پنهنجي حياتي وڃائي ڇڏي، جڏهن ته هلندڙ سال جي 9 مهينن دوران 105 ڄڻن خودڪشين ذريعي موت کي قبول ڪيو آهي،صرف ننگرپارڪر تعلقي ۾ 32 خودشين جا واقعا ٻُڌايا پيا وڃن،ڪوئلي سميت معدني وسيلن سان مالامال هن خطي جا مارو ماڻهو مايوسين ۾ گهيرجي جيئڻ تان هٿ کڻي رهيا آهن، سنڌ حڪومت جي خودڪشين واري معاملي تي خاموشي سواليا نشاني بڻجي وئي آهي، ٿر ۾ ٿيندڙ خودڪشين جي مڪمل جانچ ناهي ڪئي ويندي،مجبور مائيٽن جي بيانن جي آڌار تي فوتين کي چريو يا دماغي توازن دُرست نه هجڻ جو ڄاڻائي قصو بند ڪيو ويندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.