پي ٽي آءِ کي فوجي عدالتن جو دڙڪو ،آئيني عدالت تي سموريون پارٽيون هڪ

اسلام آباد(فخر دراني)پي ٽي آءِ”ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو“ بنياد تي  آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندي،نوازشريف ۽ صدر آصف علي زرداري وچ ۾ ترميمن لاءِ  سمورين سياسي پارٽين ۾ اتفاق راءِ تي اتفاق ٿي ويو،ترميمن تي پي ٽي آءِ جي ڪجهه اعتراضن کي ختم ڪرڻ ۽ انهن کي پرچائڻ جو ٽاسڪ مولانا فضل الرحمان  کي ڏنو ويو،حڪومت پاران پي ٽي آءِ لاءِ ”لٺ ۽ چٺ“ واري پاليسي اختيار ڪري ترميمن جو ڊرافٽ منظرعام تي ئي نه آندو ويو،آرٽيڪل 243 ۾ سويلينز جي ملٽري ٽرائل بابت پي ٽي آءِ کي خدشا آهن ۽ پارٽي ان کي خطرو سمجهي ٿي ڇو ته ان سان عمران خان جو فوجي عدالت ۾ ٽرائل لاءِ راهه هموار ٿي ويندو، ان بنياد تي ئي پي ٽي آءِ کي راضي ڪيو ويندو ۽ اطلاعن مطابق پي ٽي آءِ پاران ترميمن لاءِ راضپي کانپوءِ ان جي بدلي حڪومت ان آرٽيڪل کي ڪڍڻ لاءِ تيار ٿي ويندي ۽ عمران خان کي به ان ڳالهه تي رضامند ڪيو ويندو،جڏهن ته آئيني عدالت لاءِ پي ٽي آءِ سميت چار وڏيون پارٽيون راضي آهن،انهن آئيني ترميمن جو لب لباب آئيني عدالت جو قيام آهي ڇو ته سياسي ڪيسن جي بار سبب سپريم ڪورٽ ۾ ٻين ڪيسن تي ڌيان ناهي،عام ماڻهو کي تڪڙي انصاف لاءِ سموريون پارٽيون هڪ آهن،ان سلسلي ۾ حڪومت عدليه پاران امڪاني ردعمل به ٽيسٽ ڪري ورتو آهي، ترميمن لاءِ سموريون وڪيل تنظيمون اعتماد ۾ ورتيون ويون آهن جڏهن ته هاءِ ڪورٽن ۾ ججن جي مقرري لاءِ هڪ ڀاڱي ٽي جج ماتحت عدليه مان ايندا ۽ ٻه ڀاڱي ٽي ڪوٽا وڪيلن لاءِ رکي وئي آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 17 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.