فيصل آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر ۽ چيمپيئنز ون ڊي ڪپ ۾ ڊولفنز جي نمائندگي ڪندڙ فهيم اشرف چيو آهي ته پليئر طور پنهنجي ڪارڪردگي مان ڪڏهن به مطمئن ناهيان ٿيندو، هميشه بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.
فيصل آباد ۾ جاري چيمپيئنز ون ڊي ڪپ ۾قومي آل رائونڊر فهيم اشرف ڊولفنز طرفان ايڪشن ۾ آهي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪرڪيٽر چيو ته سدائين ڪوشش هوندي آهي ته جنهن ٽيم لاءِ به کيڏندا سئو سيڪڙو پرفارم ڪيان.
هن چيو ته جيستائين دم آهي ڪرڪيٽ کيڏندو رهندس، دم نه هوندو ته ڪرڪيٽ ڇڏي ڏيندس، ملڪ جا بهترين ڪرڪيٽر چيمپيئنز ون ڊي ڪپ جو حصو آهن، هر پليئر جي اِها ئي ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي سئو سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکاري قومي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهي.
فهيم اشرف چيو ته جيڪو هتي پرفارم ڪندو اُهو سليڪٽرن جي نظر ۾ به ايندو ۽ فرنچائز جو ڌيان به پاڻ ڏانهن ڇڪائيندو.
هن وڌيڪ چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ميچون ڏسي لڳندو آهي ته ان ڪنڊيشن ۾ ڪجهه ڪري پئي سگهيس، جيڪو نصيب هوندو آهي، اِهو ضرور ملندو آهي، اَپ ڊائون راند جو حصو آهي، سٺي ڪارڪردگي اوهان لاءِ ڪيئي رستا کولي ڇڏيندي آهي، شايد مان پنهنجي صلاحيتن سان انصاف ناهيان ڪري سگهيو.
You might also like