پاڪستان ۾ گڏهن جي ڊمانڊ ۽ اگهه وڌي ويو، سبب ڇا آهي؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چين ۾ گڏهن جي کل سان دوائن جي تياري جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ گڏهن جي طلب ۽ قيمت ۾ واڌ ٿي وئي.
چهري جي ڪريم ۾ استعمال ٿيندڙ گڏهه جي قيمت 3 لک رپين تائين پهچي وئي آهي، جنهن سبب گڏهه گاڏو هلائي گذر سفر ڪندڙ پورهيت پريشان آهن.
ذريعن موجب ڪراچي جي علائقي لياري ۾ هر هفتي لڳندڙ گڏهن جي پڙي ۾ مقامي خريدار گهٽ ئي نظر ايندا آهن، جنهن جو وڏو سبب گڏهن جو وڌندڙ اگهه آهي.
واپارين موجب چين ۾ گڏهن جي طلب وڌي وئي آهي، جنهن سبب اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
رپورٽ موجب چين ۾ گڏهن جي لکن مان ڪاسميٽڪس جون مختلف شيون ٺاهيون وينديون آهن، جڏهن ته اي جيا نالي دوا به تيار ڪئي ويندي آهي، جنهن لاءِ هر سال لکين گڏهن کي ڪُٺو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.