ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ جاري مهانگائي سبب عوام جي خريد جي قوت به متاثر ٿي آهي، جنهن سبب موٽر سائيڪل ساز ڪمپنيون به ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيون آهن پر ڪمپنيون واهپيدارن جو ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف آڇون پيش ڪندي نظر اچي رهيون آهن.
ان ئي حوالي سان سوزوڪي به پنهنجي موٽر سائيڪل ”سوزوڪي جي ڊي 110 ايس“ تي شاندار آڇ پيش ڪئي آهي.
ان موٽر سائيڪل جي قيمت 3 لک 52 هزار رپيا آهي پر واهپيدارن جي سهولت لاءِ ڪمپني قسطن ۾ ڏئي رهي آهي.
سوزوڪي جي ڊي 110 ايس 25 سيڪڙو (88 هزار رپيا) ايڊوانس ادا ڪري حاصل ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته ماهوار قسطن 11 هزار رپيا هوندي.
اها موٽر سائيڪل ڪمپني طرفان چئن مختلف رنگن ۾ دستياب آهي، جن ۾ ڪارو، ڳاڙهو، گري ۽ نيرو رنگ شامل آهي.
You might also like