رياض (ويب ڊيسڪ) وطن سان غداري تي سعودي شهري کي موت جي سزا ڏني وئي.
سعودي گهرو وزارت موجب سعودي شهري مشعل بن سليمان الغنام وطن سان غداري جا ڪم ڪيا، جنهن جي بنياد تي کيس سزا ڏني وئي.
گهرو وزارت ٻڌايو ته جوابدار جي دهشتگرد تنظيمن سان ويجهڙائي هئي، هن دهشتگردن کي ٺڪاڻو ڏنو ۽ انهن جي مدد به ڪئي.
سعودي اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار امن ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ لاءِ مجرماڻا ڪم به ڪيا.
واضح رهي ته هڪ هفتو اڳ به سعودي ۾ ملڪ سان غداري جي الزام ۾ 3 سعودي شهرين کي موت جي سزا ڏني وئي هئي.
You might also like