ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو جيڪب آباد ۾ پوليو ورڪر سان زيادتي جي واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
سنڌ جي صحت واري وزارت جي ترجمان موجب مقامي پوليس کي پوليو ورڪر جي رهائش گاهه جي ڀرپاسي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ترجمان موجب ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته پوليو ورڪرز مرض خلاف پروگرام ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿيون، انهن جي حفاظت سدائين پهرين ترجيح رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته متاثر پوليو ورڪر کي انصاف ڏيارڻ لاءِ هر ضروري قدم کڻي رهي آهيان.
You might also like