عيد ميلاد النبي صه تي قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي، قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين کي رعايت نه ملندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته زنا، چوري، ڦر، اغوا، دهشتگردي ۽ قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ قيدين کي به رعايت نه ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.