عدالتي فيصلي سان حڪومت بي وس؟آئيني پئڪيج تي ٽڪراءٌ وڌڻ جو امڪان

اسلام آباد/لاهور(نجم سيٺي+انصار عباسي+معظم فخر)سپريم ڪورٽ  ججن جي رٽائرمينٽ جي عمر وڌائڻ لاءِ تجويز ڪيل آئيني ترميم لاءِ دروازا بند ڪري ڇڏيا؟ حڪومت جي ايندڙ حڪمت عملي ڪهڙي هوندي؟  پارليامينٽ ڇا ڪندي؟ سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي باوجود حڪومت آئيني ترميم لاءِ پرعزم آهي،تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ تجويز ڪيل قانون سازي لاءِ حڪومت کي بيوس ڪري ڇڏيو آهي،قانون سازي لاءِ قومي اسيمبلي ۾ حڪومت کي اپوزيشن مان 4 ووٽن جي ضرورت آهي،ذريعن موجب انهن چئن ووٽن لاءِ حڪومت ”بندوبست“ به ڪري ڇڏيو هو اهي ميمبر پي ٽي آءِ جي انهن 41 ميمبرن مان آهن جن جو نوٽيفڪيشن 12 جولاءِ واري عدالتي فيصلي کانپوءِ جاري نه ڪيو ويو هو،پارٽي سربراهه جي فيصلي مطابق اهي ميمبر قانون سازي جي حق ۾ ووٽ نٿا ڏئي سگهن جيڪڏهن انهن ائين ڪيو ته نااهل ٿي ويندا،جڏهن ته حڪومت پاران حڪمت عملي اها آهي ته اليڪشن ڪميشن 41 ميمبرن جو پي ٽي آءِ ميمبر طور نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ان ڪري اهي آزاد ميمبر تصور ڪيا ويندا،ان قدم جي بنياد تي آئيني پئڪيج سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ٿي سگهي ٿو،سپريم ڪورٽ جي ڪالهوڪي وضاحت کانپوءِ آئيني پئڪيج اڃا به وڌيڪ تڪراري بڻجي ويندو،سپريم ڪورٽ پاران اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي وضاحت جي ٽائمنگ تمام اهم آهي ڇو ته حڪومت اڄ يا سڀاڻي قانون سازي لاءِ تياريون مڪمل ڪري ويٺي هئي،عدليه حڪومت جي خواهشن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو جڏهن ته جي يو آءِ قانون سازي لاءِ حڪومتي صفن ۾ اچي وڃي ٿي تڏهن به حڪومت کي ٻن ٽن ووٽن جي حمايت گهربل جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد پارليامينٽ،اليڪشن ڪميشن ۽ عدليه آمهون سامهون ٿي ويا آهن،ٽئي هڪ ٻئي کي اکيون ڏيکاري رهيا آهن، اتي سياست حاوي ٿي وئي آهي،عدم استحڪام وڌندو، سپريم ڪورٽ آئيني ترميم رد ڪري سگهي ٿي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ به واپس ٿي سگهي ٿو،8 ججن کي بي اثر بڻايو ويندو،ذريعن موجب حۡڪومت کي چيو ويو آهي ته هر حال ۾ آئيني پئڪيج منظور ڪرايو وڃي يا گهر هليا وڃو، سياسي بحران وڌيو ته ان ۾ سڀني جو نقصان ٿيندو،امڪان آهي ته قاضي فائز عيسيٰ کي بااختيار بڻايو ويندو  ۽ پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار بحال ٿي ويندو ۽ وضاحتي حڪم ڏيندڙ 8 ججن جا حڪم تسليم نه ڪري کين جسٽس اعجاز الاحسن وانگر گهر جو رستو ڏيکاريو ويندو، اليڪشن ڪميشن عدالتي حڪم مڃڻ کان انڪاري آهي.

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ پي ٽي آءِ جي درخواستن  تي وضاحت جاري ڪري ڇڏي، عدالت جو چوڻ آهي ته فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جا سنگين نتيجا نڪرندا، اليڪشن ڪميشن ان حڪم کي غير ضروري طور معاملي کي منجهايو ۽ وضاحت واري درخواست دير جو طريقو آهي، اليڪشن ڪميشن طرفان وضاحت گهرن حقيقت ۾ عدالتي فيصلي تي عمل ۾ رنڊڪ وجهڻ آهي، مونجهارا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي سخت لفظن ۾ رد ڪيو وڃي ٿو، واضح ڪيو يو آهي ته فيصلي تي عمل نه ڪرڻ تي نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو، سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بئنچ مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ پي ٽي آءِ جي درخواستن تي وضاحت جاري ڪئي، اڪثريتي فيصلو ڏيندڙ ججن وضاحت ۾ چيو ته 12 جولاءِ جي فيصلي ۾ ڪو به مونجهارو ناهي،  اليڪشن ڪميشن ان حڪم کي غير ضروري طور ڏکيو بڻايو آهي، فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جا نتيجا سنگين هوندا، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن ذميواري فوري طور پوري ڪري، بئريسٽر گوهر کي پي ٽي آءِ جو چيئرمين ۽ عمر ايوب کي سيڪريٽري جنرل تسليم ڪيو ويو آهي، وضاحتي بيان ۾ چيو ويو ته حاصل ڪيل سيٽ طوري طور ان پارٽيءَ جي حاصل ڪيل سيٽ تصور ڪئي ويندي، ڪو به بعد وارو عمل ان وقت جي لاڳاپيل تاريخن تي ٿيل معاهدا تبديل نٿو ڪري سگهي، طئه ٿيل حيثيت موجب اهي ڪامياب ٿيل پي ٽي آءِ جا اميدوار هئا، اليڪشن ڪميشن تسليم ڪري چڪي آهي ته پي ٽي آءِ رجسٽرڊ سياسي پارٽي آهي، اليڪشن ڪميشن طرفان تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو سرٽيفڪيٽ تسليم نه ڪرڻ غلط آهي، سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائيندڙ سمورا ميمبر تحريڪ انصاف جا تصور  ٿيندا، فيصلو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تي به لاڳو ٿيندو، عدالت جو چوڻ هو ته چونڊ نشان کان محرومي ڪنهن سياسي پارٽيءَ جا حق ختم نٿي ڪري، پي ٽي آءِ سياسي پارٽي هئي ۽ آهي، وضاحت ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن طرفان وضاحت گهرن حقيقت ۾ عدالتي فيصلي تي عمل ۾ رنڊڪ وجهڻ آهي، پارٽي چيئرمين کي تسليم ڪرڻ بعد اليڪشن ڪميشن پنهنجي موقف تان ڦري نٿي سگهي، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي  فيصلي تي فوري طور عمل جي هدايت ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.