اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن جو معاملو هيل تائين غور هيٺ آهي، ان حوالي سان ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو. اهو تاثر صحيح ناهي ته اي سي پي بئريسٽر گوهر کي پي ٽي آءِ چيئرمين مڃي ورتو آهي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن معاملي کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي ڪوشش ڪئي، پي ٽي آءِ دير وارا حربا هلايا.