ڪراچي (ذوالفقار راڄپر) ڪراچي پريس ڪلب ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين طرفان انگريزن خلاف 1857 جي بغاوت ۾ ڪراچي شهر ۾ ٿيل فوجي بغاوت ۽ ايمپريس مارڪيٽ جي ميدانن تي 14 سيپٽمبر تي انگريزن جي باغين کي ڦاهيون ڏيڻ ۽ کين توبن ۾ وجهي اڏائڻ جي تاريخ جي ياد ۾ منعقد ٿيل هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي انجمن ترقي پسند مصنفين جي سربراهه راحت سعيد چيو ته ايمپريس مارڪيٽ جو نالو تبديل ڪري شهيدن جي مارڪيٽ رکيو وڃي.،افسوس ته اسان ڪراچي شهر ۾ انگريز سامراج خلاف بغاوت ڪندڙن ۽ايمپريس مارڪيٽ وٽ انهن کي مليل ڦاهين ۽ توبن جي منهن ۾ وجهي اڏايل شهيدن کي وساري ڇڏيو آهي، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن کي ان تاريخي ڄاڻ جي دستاويزن کي ڳولهي ڇپائڻ گهرجي،ڊاڪٽر هما چيو ته انگريزن سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي اندروني خانداني ڪمزورين جو فائدو وٺي هنن سان ڪوڙا معاهدا ڪري منوڙي ڪراچي تي قبضو ڪري بعد ۾ سموري سنڌ کي غلام بڻايو، پاڪستان ۾ تاريخ تي تحقيق ڪرڻ جو رجحان ڪمزور آهي ڪراچي ۾ انگريزن خلاف بغاوت ڪندڙن کي پنهنجن ئي ماڻهن جاسوسي ڪري پڪڙايو هو، جنهن ۾ پهرين ڏينهن 40,50 باغين کي گرفتار ڪري بعد ۾ ڦاهيون ۽ توبن جي منهن ۾ رکي اڏايو هو، ليکڪ پروفيسر رياض شيخ چيو ته سنڌ جي عوامي تاريخ لکڻ جي ضرورت آهي، جيڪا حقيقتن تي مشتمل هجي، ڪراچي شهر ۾ انگريزن خلاف بغاوت کان اڳ ۾ شڪارپور، ميرپورخاص ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به بغاوتون ٿي چڪيون هيون، سنڌ جي آرڪائيوز کي عوامي آرڪائيوز طور ڏسڻ گهرجي،ڊي ايڇ اي جي خيابانن تي ڪوڙن نالن بدران ڪراچي جي سورمن جا نالا رکڻ گهرجن ۽ ڪراچي جي روڊن رستن تي رکيل پراڻا تاريخي نالا بحال ڪيا وڃن روزاني هلچل اخبار جي چيف ايڊيٽر يونس مهر چيو ته 1857 ۾ انگريزن خلاف جيڪب آباد ۾ به بغاوت ٿي هئي ۽ سنڌين جي مزاج ۾ غلامي قبول ڪرڻ شامل نه آهي، ڪراچي ۾ رام دين پانڊي جي سربراهي ۾ ٿيل بغاوت هڪ منظم بغاوت هئي، جنهن کي وقت کان اڳ ئي ٿيل مخبري ڪري ڦاهين وسيلي ڪچليو ويو ، هن وقت به سنڌ فيڊريشن جي غلام آهي، جنهن خلاف بلوچ ۽ سنڌي قومي تحريڪون هلائي رهيا آهن، رياض شاهد چيو ته انگريزن خلاف فوج ۾ بغاوت ڪرڻ ۽ مزاحمتي ڪردار ڪري سنڌين کي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ بند ڪيو۽ اڄ به هن ملڪ ۾ سنڌين کي فوج ۾ ڀرتي نه ڪرڻ واري انگريزن جي پاليسي تي عمل ٿي رهيو آهي، ڪراچي جي تاريخ جي ليکڪ عبدالغفور کتري چيو ته ايمپريس مارڪيٽ جي بنيادن ۾ سنڌ جي شهيدن جو خون شامل آهي، رام پانڊي جي بغاوت ۾ ملير ڪينٽ تي به قبضو ڪري انگريز راڄ جو خاتمو آڻي سنڌ جي آزادي جو اعلان ڪرڻ شامل هو، ارتقا انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڪليم دراني چيو ته ان ڳالهه تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ته انگريزن جي ٺاهيل پوليس ۾ ڪير شامل هئا ۽ ڪهڙن قبيلن انگريزن جي مدد ڪئي، انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جي سيڪريٽري ۽ صحافي ڪرم علي شاھ چيو ته سنڌ ۾ پهريون دفعو ايمپريس مارڪيٽ جي شهيدن تي پروگرام ٿيو آهي، ايمپريس مارڪيٽ سنڌ جي شهيدن جي قبر آهي، اها مارڪيٽ ان تاريخي واقعي کي وسارڻ لاءِ برطانيا جي راڻي کي خوش ڪرڻ لاءِ تعمير ڪئي وئي،، پروگرام جي آخر ۾ گل محمد منگي سيمينار منعقد شريڪ ٿيندڙ جو ٿورو مڃيو. سيمينار ۾ ليکڪ شعيب بڪڪ، نوباشه صديقي، لياقت عباسي، قاضي اعجاز، مهيش ڪمار، سجاد ميراڻي علي محمد ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو.