اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ اجلاس ۾ خطاب ڪندي ايمل ولي خان چيو ته هي قانون عوامي نه حڪومتي مفاد لاءِ آهي، عوامي مفاد جي ڪير ڳالهه نٿو ڪري. مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي ته ڳالهيون هلي رهيون آهن ته ڪا آئيني ترميم آندي پئي وڃي. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو. سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪنهن به قانون سازي لاءِ اسان کي بل ڏنا وڃن ٿا، پڙهڻ کانسواءِ پاس ڪيا وڃن ٿا، بل بلڊوز ڪيا وڃن ٿا، لاڳاپيل ڪاميٽين کي بل نٿا موڪليا وڃن. اوهان ڪنهن خاص طبقي جي مفادن لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهيون، ڳالهيون هلي رهيون آهن ته ملڪ ۾ ائيني ترميم آندي پئي وڃي. حڪومت قانون سازي کي ڳجهو رکي اڳ ئي ان کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي، بدقسمتي سان پيپلزپارٽي جمهوري قدرن کان پوئتي هٽي رهي آهي. حڪومتي ميمبر ماڻهن جي ٽوڙڻ ۾ لڳل آهن، نمبر پورا هجن ته ڪا به قانونسازي ڪري سگهن ٿا. سينيٽر اسحاق ڊار خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي دور ۾ اڌ ڪلاڪ ۾ 22 ترميمون ٿيون هيون، اسان کي اصولن جي سياست کي نه ڇڏڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪي شيون ارڙهين ترميم ۾ ان وقت نه ٿي سگهيون انهن کي اسان هاڻي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ جڏهن نمبر پورا هوندا تڏهن ڪري سگهنداسين. هن چيو ته آئيني عدالت جو تصور نئون نه آهي، اسان اها قانونسازي ڪنداسين جيڪا ملڪي ۽ عوامي مفاد ۾ هوندي. اعظم نذير تارڙ سينيٽ ۾ خطاب ڪندي چيو ته اها درخواست ڏيڍ ٻن سالن کان نظرثاني ۾ پيل آهي، 63 اي کي جنهن قانونسازن آئين ۾ ڏنو آهي اهو بلڪل واضح آهي ان جي تشريح ان جي روح جي ابتڙ نه ٿيندي ته پوءِ ماڻهو ان تي ڳالهائيندا ۽ ان قسم جي شين تي وضاحت اچڻ گهرجي. سينيٽ فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته سزا تڏهن ملندي جڏهن ڪو ڏوهه هجي، فلور ڪراسنگ تي ووٽ جيڪڏهن ڳڻيو نه ويندو ته سزا ڇا لاءِ؟ سپريم ڪورٽ آئين کي ٻيهر نٿي لکي سگهي. سينيٽر ايمل ولي خان چيو ته ڊگهي وقت کان عدليه سرعام آئين خلاف وڃي هڪ پارٽي جي حمايت ڪئي ۽ ان لاءِ آئين کي نئين سر لکيو ويو.هن چيو ته پرڏيهي پاليسي عوام جي مفاد لاءِ ٺهڻ گهرجي، ڪنهن خاص اداري لاءِ نه هجڻ گهرجي. اسان عوامي مفاد ۾ حڪومت سان بيهنداسين هي قانون عوامي مفاد لاءِ نه حڪومتي مفاد لاءِ آهي. عوامي مفاد جي ڳالهه ڪير نه پيو ڪري جنهن ۾ مهانگائي جو طوفان، ٽيڪسن جي ڀرپار شامل آهي ۽ اسان ٻڌو آهي ته هڪ نئين مني بجيٽ اچي رهي آهي جنهن ۾ وڌيڪ ٽيڪسن جي ڀرمار هوندي. سينيٽر ايمل ولي خان چيو ته سينيٽ چيئرمين گواهه آهي ان ڳالهه جو جڏهن هن پڇيو ته اوهان حڪومت جو حصو بڻجڻ چاهيو ٿا يا اپوزيشن جو؟ ته مان چيو ته اسان نه حڪومت جو حصو بڻجڻ چاهيون ٿا ۽ نه هن اپوزيشن جو، سينيٽر شبلي فراز جيڪا تقرير ڪئي اها اپوزيشن ليڊر جي نه پر پي ٽي آءِ ليڊر جي تقرير هئي. سينيٽ اجلاس دوران ايوان ۾ پاور سيڪٽر ۾ ڊسڪوز جي نون بورڊز بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير مصدق ملڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي جواب ڏيندي ايوان کي ٻڌايو ته اسان وٽ 11 ڪمپنيون آهن، 3 بورڊز جا نوٽيفڪيشن ناهن ٿيا، جڏهن ته حيسڪو، سيپڪو بورڊ جا نالا وزيراعظم کي موڪلي ڇڏيا آهن، ڪابينا جي منظوري کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. ڪورم جي نشاندهي کانپوءِ سينيٽ چيئرمين اجلاس اڄ 4 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.