اسلام آباد (م ڊ): وزيراعظم شهباز شريف قانوني ٽيم سان گڏ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب وزيراعظم پنهنجي قانوني ٽيم سان گڏ رات دير سان مولانا فضل الرحمان جي گهر پهتو، جتي هن فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان کي آئيني ترميمن بابت آگاهه ڪيو، وزيراعظم، مولانا فضل الرحمان کي چيو ته هو آئيني عدالتن جي قيام ۽ ترميمن جي حمايت ڪن، جنهن تي مولانا فضل الرحمان چيو ته آئيني مسودي تي تڏهن ئي سوچي سگهون ٿا جڏهن اسان وٽ هجي، مولانا فضل الرحمان کتو جواب ڏيندي چيو ته هو ججن جي مدي يا انگ ۾ واڌ تي حڪومت جي حمايت نه ڪندو،ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان عدالتي سڌارا آڻڻ تي زور ڏنو ۽ حڪومتي وفد کي تجويز ڏني ته عدالتي سڌارن جو پيڪيج آندو وڃي، حڪومتي وفد جي ملاقات دوران پي ٽي آءِ وفد به مولانا فضل الرحمان سان ملاقات لاءِ پهتو، پر حڪومتي وفد جي اڳواٽ موجودگي سبب پي ٽي آءِ جو وفد واپس روانو ٿي ويو، پي ٽي آءِ وفد ۾ بئريسٽر گوهر، اسد قيصر، عمر ايوب، شبلي فراز ۽ صاحبزاده حامد رضا شامل هئا، پي ٽي آءِ وفد مولانا جي رهائشگاهه تان واپسيءَ بعد ڊي چوڪ ڀرسان هوٽل ۾ چانهه پيتي ۽ سرڪاري وفد جي روانگي جو انتظار ڪيو، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان سان ملاقات جو وقت ٻيهر شيڊول ڪيو پيو وڃي، ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر گوهر چيو ته مولانا فضل الرحمان ڪنهن به آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ نه ڏيندو، مولانا فضل الرحمان اسيمبلي فلور تي واضح ڪري چڪو آهي ته هو عدليه بابت ڪنهن به تڪراري ترميم جي حمايت نه ڪندو، اميد آهي ته ٻيهر ان ئي طريقي تي اتفاق ڪنداسين، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ صدر آصف علي زرداري ۽ پوءِ وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي هئي ۽ آئيني ترميم جي حمايت ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. جڏهن ته جي يو آءِ پنهنجي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن کي واضح پيغام ڏنو آهي ته آئيني ترميمن لاءِ قانون سازي ۾ حصو نه ورتو وڃي، جيڪو به ميمبر آئيني ترميمن جو حصو بڻجندو ان جي ميمبرشپ معطل ڪئي ويندي.
-
ڪابينا اجلاس اڄ طلب، آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏني ويندي
اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب اجلاس ۾ آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏني ويندي، ٻئي طرف آئيني ترميم جي جواب ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڄ آچر تائين ملتوي ڪيا ويا، قومي اسيمبلي جو اجلاس آچر ڏينهن 11.30 وڳي ۽ سينيٽ جو اجلاس 4 وڳي ٿيندو، ذريعن موجب آئيني ترميم جو معاملو خصوصي پارلياماني ڪميٽي ڏانهن وڃڻ جو امڪان آهي، پارلياماني ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپيڪر پاران قومي اسيمبلي جي قائم ڪيل خصوصي ڪميٽي ۾ سينيٽ ميمبرن کي به شامل ڪرڻ جو امڪان آهي، ان حوالي سان چيئرمين سينيٽ مخالف ڌر اڳواڻ کان نالا طلب ڪري ورتا آهن.
-
انگ اکر پورا ٿيندا ته آئيني ترميمي بل منظور ٿيندو: سينيٽ چيئرمين
ڪراچي (رپورٽر ) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته انگ اکر پورا ٿيندا ته آئيني ترميمي بل منظور ٿيندو، ڪراچي ۾ وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سمورين سياسي قوتن کي گڏجي ملڪ لاءِ سوچڻ گهرجي. هن چيو ته پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، انگ مڪمل ٿي ويندا پوءِ بل پيش ڪيو ويندو ۽ ترميم به پاس ڪئي ويندي، چونڊون موجوده صورتحال جو حل نه آهن ان سان وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيندا. گورنر راڄ بابت پڇڻ تي سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته هو گورنر راڄ جي حق ۾ ناهي، تنهن ڪري اهو وقت جي تقاضا موجب ٿيندو ۽ ڪهڙو فيصلو ڪيو وڃي، اهو سينيٽ چيئرمين جو نه پر حڪومت جو ڪم آهي. اهو هن جو فيصلو ڪري. هن چيو ته جيڪڏهن عوام ملڪ جي موجوده صورتحال مان مطمئن آهي ته اسان به ساڻن گڏ آهيون.