اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گذيل رات سڄي ملڪ هڪ شخص جو بيان پڙهيو، پي ٽي آءِ بانيءَ سياست چمڪائڻ ۽ رليف وٺڻ لاءِ آئيني ادارن ۽ جمهوريت تي حملا ڪيا، هن چيف جسٽس خلاف بيان ڏئي توهين عدالت ڪئي ۽ آرمي چيف تي سياسي الزام مڙهيا، جيڪڏهن هن اهو بيان ڏنو آهي ته کيس نتيجا ڀوڳڻا پوندا، پوءِ ان جي پارٽيءَ وارا مٿو پٽڻ شروع ڪندا، ان تي اسان کي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن عمران خان صاحب اهو بيان ڏنو آهي ته پوءِ جيڪي مسئلا ان لاءِ ۽ سندس پارٽيءَ لاءِ پيدا ٿيندا اهي خدانخواسته اسان جو جمهوري نظام لاءِ ٿيندا ان جو ذميوار اهوئي هوندو.هن چيو ته پي ٽي آءِ جاچ ڪري ته ڇا اهو بيان پي ٽي آءِ باني جو آهي يا نه؟ جيڪڏهن ان ناهي ڏنو ته ڇا سندس اڪائونٽ علي امين يا شير افضل هلائي رهيا آهن؟ وضاحت ڏيڻ تمام ضروري آهي، عوام سازش ۽ گارگند واري سياست توڙي قيدي نمبر 804 سان گڏ ناهي بيٺو، پ پ چيئرمين چيو ته اهو سلسلو بي اعتمادي واري رٿ کان شروع ٿيو آهي، آرمي چيف جي مقرري تڪراري بڻائي وئي، موجوده آرمي چيف، جڏهن ڊي جي آءِ ايس آءِ هو ته هن پي ٽي آءِ بانيءَ جي ڪرپشن پڪڙي هئي، ڪرپشن تي ايڪشن بدران انٽيليجنس چيف کي تبديل ڪيو ويو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فارم 45 ۽ 47 جي پروپيگنڊا تي وڏي ڪهاڻي سامهون اچڻ واري آهي، سازش تحت اليڪشن کي به متاثر ڪرڻو هو، پ پ چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ جاچ ڪري ته جڏهن به سياسي استحڪام طرف ملڪ وڌندو آهي ته پي ٽي آءِ باني کان اهڙا بيان ڏياريا ويندا آهن جنهن سان پارٽي ۽ ملڪ جي مسئلن ۾ اضافو ٿئي ٿو، پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته فارم 45 ۽ 47 جي پروپيگنڊا تي وڏي ڪهاڻي سامهون اچڻ واري آهي، جڏهن حقيقتون سامهون اينديون ته هو عوام کي پنهنجو چهرو ڏيکاري نه سگهندا، قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته بلاول ڀٽو جي تقرير مان لڳي ٿو ته هن ڊي جي آءِ ايس پي آر آفيس ۾ 2 ڏينهن مشق ڪئي هئي، ڊي جي آءِ ايس پي آر بلاول ڀٽو سٺي ٽريننگ ڪري رهيو آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جا باني اڄ به پنهنجي هر ڳالهه تي قائم آهن، پي ٽي آءِ جو باني جيڪا ڳالهه ڪئي آهي ان کي مڃي ٿو هو ٻيهر هن ايوان ۾ ايندو. هن چيو ته چيف جسٽس پي ٽي آءِ باني جا ڪيس نه ٻڌي، بلاول ڀٽو منهنجي ليڊر بابت جيڪا ڳالهه چئي ان کي رد ڪريان ٿو ۽ مذمت ڪريان ٿو، قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اسلام آباد واري جلسي ۾ عليحدگي پسندن واري ٻولي ڳالهائي وئي، پي ٽي آءِ بانيءَ جهڙو ماحول ٺاهيو آهي ان بعد ميثاق پارليامينٽ جو ڪو جواز ئي ناهي رهيو، ان جو ذميوار پي ٽي آءِ باني آهي، هن چيو ته جيڪا اڳڪٿي ڪئي هئي اها سچ ثابت ٿي، بلاول ڀٽو زرداريءَ تجويز پيش ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي، جڏهن ڪميٽيءَ جو ماحول ڏٺو ويو ته ان ڪميٽيءَ ۾ احتجاج ڪري واڪ آئوٽ ڪيو، اها ٻٽي پاليسي آهي، پي ٽي آءِ وارن جي ڪا به ساک ناهي، بچاءَ واري وزير چيو ته يحيٰ خان کي ايوب خان آرمي چيف ٺاهي، اهڙي شخص کي آرمي چيف بڻايو، جنهن ملڪ ٽوڙي ڇڏيو، خواجه آصف چيو ته بلاول ٺيڪ چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ کي سندس گهر جي ڪرپشن جا ثبوت ڏنا، جيڪڏهن ڪو ڪرپشن جا ثبوت ڏي ته ان تي الزام مڙهيا ويندا آهن، فيض حميد عمران خان لاءِ ڳائي رهيو آهي ته آجا بالم تيرا انتظار هي، خبر ناهي جنرل فيض پي ٽي آءِ بانيءَ لاءِ ڪهڙو گيت ڳائيندو هوندو، بچاءَ واري وزير چيو ته جيڪڏهن اهي ڳالهيون هن اڄ ٽوئيٽ ۾ ڪيون آهن ته پوءِ هو اسٽيبلشمينٽ سان ڇو ڳالهائڻ چاهي ٿو، جنرل عاصم منير اسٽيبلشمينٽ جو سربراهه آهي، ان جي پيرن تي ڪِرڻ چاهي ٿو ۽ پوءِ ٽوئيٽ به ڪري ٿو، پاڪستان جي سياست ۾ وڏي وڏي ٻه نمبر ٿي پر هن کان وڏا ٻه نمبر نه هئا، مان اهو نه ٿو چوان ته پاڪستان جي سياست بلڪل پاڪ هئي، اسان به گهڻيون غلطيون ڪيون، پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته جنهن ڏينهن پي ٽي آءِ جي باني روڊن تي اچڻ جو چيو، عوام بنگلاديش کي وساري ڇڏيندو، اسان پاڪستان کي روانڊا بڻائڻ نه ٿا چاهيون، جيڪڏهن اسان کي عوام جي نمائندگي ڪرڻي آهي ته وساري ڇڏيو ڪير سٺو آھي، هن چيو ته اڄ ڪميٽي جي اجلاس ۾ هن چيو ته اسان وي آءِ پي ڪلچر نٿا چاهيون، جيڪڏهن اڳتي وڌڻو آهي ته هڪ قدم پوئتي هٽڻو پيو ته هٽنداسين، پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ راجا پرويز اشرف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته منهنجي قائد ذوالفقار ڀٽو ٽٽل ملڪ کي آئين ڏنو ۽ عوام کي ووٽ جو حق ڏنو.هن چيو آهي ته ڪالهه هڪ شخص ٽوئيٽ ڪيو ته هو هن ملڪ ۾ جمهوريت، آئين، امن ۽ پارلياماني بالادستي نه ٿو چاهي پر هن ملڪ جي تباهي ۽ بربادي چاهي ٿو، ملڪ جي 25 ڪروڙ عوام پنهنجي فوج، آرمي چيف ۽ چيف جسٽس سان گڏ بيٺل آهي.هن چيو ته بيان ۽ ٽوئيٽ جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته ڇا اها پي ٽي آءِ باني جي هئي، هي ٽوئٽ انهن ماڻهن ڪئي جيڪي ملڪ ۾ تباهي ۽ بدامني چاهين ٿا، ڇا ڪو محب وطن ادارن جي بي عزتي ڪري سگهي ٿو ؟.اجلاس ۾ ن ليگ جي حنيف عباسي چيو ته جيڪو ڪالهه تائين فرعون هو اڄ روئي رهيو آهي، پاڪستان جو 25 ڪروڙ عوام ڪنهن به غدار سان گڏ ناهي، پاڪستاني قوم فيصلو ڪيو آهي ته وفاق هميشه قائم رهندو، حنيف جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن گوڙ ڪيو، جنهن بعد ڊپٽي اسپيڪر اجلاس اڄ ساڍا 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.