اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آئيني ترميم لاءِ نمبر گيم پوري آهي ۽ ان حوالي سان جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جا ڪجهه خدشا هئا، جيڪي ختم ڪيا ويا آهن.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو يقيني بڻائي رهيا آهيون ته سمورين اتحادي جماعتن جا ميمبر اجلاس ۾ موجود هجن، مولانا ۽ اتحادي جماعتن کانسواءِ به ڪجهه ووٽ آهن جيڪي ملندا ۽ آئيني ۽ قانوني طور ڪنهن ٻئي جا پابند ناهيون.
هن چيو اميد آهي ته آئيني پيڪيج اڄ منظور ٿي ويندو ۽ اها ترميم پاس ٿيڻ سان پارليامينٽ جي ماحول ۾ بهتري ايندي.
آئيني ترميم لاءِ نمبر پورا آهن، اتحادين کانسواءِ به ڪجهه ووٽ ملندا: خواجا آصف
You might also like