پوليو ورڪر عورت سان جنسي زيادتي ڪندڙ جوابدار رمانڊ تي پوليس حوالي

جيڪب آباد ( ڊ ر)  جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي واري علائقي ۾ پوليو ورڪر عابده انڙ سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪيس ۾ نامزد گرفتار  جوابدار احمد جکراڻي کي مولاداد پوليس سيڪنڊ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ نثار احمد شر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ سان گڏوگڏ ڊي اين اي ڪرائڻ بعد ٻيھر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن  جيڪب آباد جي سيشن ڪورٽ ۾زيادتي جو شڪار پوليو ورڪر عابدہ انڙ پاران ٻارڙا مڙس کان واپس ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، وڪيل زاھد علي سومرو ۽ وڪيل نثار احمد مغيري سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي پوليو ورڪر عابده انڙ ڪورٽ ۾ روئيندي رهي ۽  ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جوابدار زبردستي زيادتي ڪري ساڻس ظلم ڪيو آهي، هن چيو ته جوابدار منھنجي زندگي خراب ڪري ڇڏي ، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي انصاف فراهجم ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.