اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، اليڪٽرڪ گاڏيون نه رڳو پيٽرول ۽ ڊيزل جي درآمد سان قيمتي پرڏيهي مٽاسٽا جي بچت ڪنديون پر اهي گاڏيون ماحول دوست به هونديون.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ بجلي گاڏين جي استعمال بابت اجلاس ٿيو.
اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ جامع مالياتي ماڊل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ان حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ سان به مشاورت جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم هدايت ڪندي وڌيڪ چيو ته نومبر جي اليڪٽرڪ گاڏين جي پاليسي کي هن سال نومبر تائين مڪمل ڪيو وڃي.
هن ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ گاڏين جي پيداوار بابت لائسنس جي ريگيوليشن کي بهتر بڻائڻ تي زور ڏيندي اليڪٽرڪ گاڏين جي پاليسي بابت سمورن صوبن ۽ وفاقي يونٽن ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان ضروري مشاورت ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
وزيراعظم چيو ته ليپ ٽاپ اسڪيم جي طرز تي سرڪاري اسڪولن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۾ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلون ورهايون وينديون.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مستقبل ۾ وفاقي حڪومت جا سمورا ادارا رڳو اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلون خريد ڪندا ته جيئن قومي خزانو بچايو وڃي، ان حوالي سان سمورن وفاقي وزارتن کي هدايتون جاري ڪرڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيا آهن.
هن ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته هو اسلام آباد ۾ اليڪٽريڪل پبلڪ ٽرانسپورٽ لاءِ جامع پلان تيار ڪري.
اجلاس کي ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ گاڏين جي استعمال کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته 2022ع کان وٺي مقامي سطح تي 2 ۽ 3 ڦيٿين واري اليڪٽرڪ گاڏين جي پيداوار لاءِ 49 لائسنس جاري ڪيا ويا آهن، جن مان 25 ڪارخانن انهن گاڏين جي پيداوار شروع ڪئي آهي.
اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 4 ويلر برقي گاڏين جي ملڪي پيداوار لاءِ پهريون لائسنس سيپٽمبر 2024ع ۾ جاري ڪيو ويو آهي، ملڪ ۾ تيار ڪيل پهرين برقي ڪار هن سال ڊسمبر تائين مارڪيٽ ۾ ايندي.
اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته ملڪ ۾ 2 ۽ 3 ڦيٿن تي هلندڙ اليڪٽرڪ گاڏين جو انگ 45 هزار آهي جڏهن ته چئن ڦيٿن تي هلندڙ برقي گاڏين جو انگ 2600 آهي.
اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته موٽر ويز، جي ٽي روڊ (نيشنل هاءِ وي 5)، نيشنل هاءِ وي 65 ۽ 70 تي اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ ري چارجنگ اسٽيشنون ترجيحي بنيادن تي قائم ڪيون وينديون.
اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين، بجلي وارو وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ناڻي ۽ روينيو وارو مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ شامل هئا.
اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينا خورشيد عالم، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.
You might also like