اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واريون حالتون ناهن، آئيني ترميم بابت پنهنجي پارٽيءَ جي پوزيشن واضح ڪري ڇڏي آهي ته هو ووٽ نه ڏيندا.
قومي اسيمبلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪي پي جي مختلف ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال ٺيڪ ناهي، ڇا گورنر ۾ حالتون ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت آهي؟
هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جهڙيون حالتون ناهن.
جي يو آءِ سربراهه، ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي افغانستان سان سڌي ريت ڳالهين واري بيان کي جذباتي ڳالهه قرار ڏيندي چيو ته اهي جذباتي ڳالهيون آهن، ان جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي.
هن چيو ته آئيني ترميم بابت پنهنجي پارٽيءَ جي پوزيشن واضح ڪري ڇڏي آهي، ان بابت پنهنجو موقف واضح ڪيو ته جي يو آءِ ووٽ نه ڏيندي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته هنن سڌارن بابت تجويزون ڏنيون آهن، ان بابت ڪي شيون آيون ته ان تي غور ڪيو ويندو.
جَي يو آءِ آئيني ترميم جي حمايت ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪندي يا نه؟ فضل الرحمان ٻڌائي ڇڏيو
You might also like