آرٽيشيا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ڄائي آمريڪي علي سجاد ڪئليفورنيا اسيمبلي جي اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
علي سجاد ڪئليفورنيا جي شهر آرٽيشيا جو ٽيون ڀيرو ميئر چونڊيو ويو آهي، هو ڊيمو ڪريٽ پارٽي جي ڪئليفورنيا سان ڊيلي گيٽ به آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، علي سجاد ڪئليفورنيا جي ڊسٽرڪٽ 67 تان چونڊ وڙهڻ جو خواهشمند آهي.
علي سجاد جو چوڻ آهي ته سندس ڪوشش هوندي ته اليڪشن کٽي تعليم، ۽ ماڻهن جو تحفظ يقيني بڻائي، هائوسنگ معاملا بهتر ڪري ۽ رياست جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري.
You might also like