قانون ٺاهڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، نمبر پورا هوندا ته بل پاس ٿيندو : سينيٽ چيئرمين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته موجوده حالتن جو حل چونڊون ناهن، قانون ٺاهڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، نمبر پورا هوندا ته بل پاس ٿيندو.
ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته جڏهن هو وزيراعظم هو ته اعلان ڪيو ته هن ملڪ کي هڪ پارٽي نٿي هلائي سگهي، ملڪي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان سينيئر سياستدان آهي، هو سندس احترام ڪن ٿا، جن سندن مٿان ڪيس ٺاهيا اڄ کين ووٽ ڏئي رهيا آهن.
سينيٽ چيئرمين چيو ته هو گورنر راڄ جي حق ۾ ناهي، حالتن موجب گورنر راڄ جو فيصلو ڪيو ويندو آهي، موجوده حالتن جو حل چونڊون ناهن، قانون ٺاهڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، نمبر پورا هوندا ته بل پاس ٿيندو.
يوسف رضا گيلاني چيو ته علي امين گنڊاپور جي افغانستان بابت بيان کي ڪير به سنجيده نه وٺي رهيو آهي، پيپلزپارٽي ذاتيات کان مٿانهون ٿي ڪري هميشه ملڪ لاءِ سوچيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.