اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) آئيني ترميم جي سينيٽ مان منظوري واري معاملي تي حڪومت کي ايوانِ بالا يعني مٿئين ايوان ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.
حڪومت ذريعن موجب، سينيٽ ۾ آئيني ترميم لاءِ حڪومت کي 64 ميمبرن هي حمايت گهربل آهي جنهن ۾ جي يو آءِ (ف) جا پنج ووٽ حڪومت کي ملڻ جي صورت ۾ حڪومت کي 64 ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ اڃا تائين پنهنجا ووٽ آئيني ترميمن جي حق ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو ۽ جيڪڏهن جي يو آءِ ( ف ) ووٽ لاءِ حمايت جو اعلان به ڪري تڏهن به سينيٽ ۾ حڪومت لاءِ هڪ ميمبر کٽل آهي، ڇو ته يوسف رضا گيلاني آئيني ترميمن ۾ ووٽ ڪاسٽ نه ڪري سگهندو ۽ چيئرمين جي ايوان ۾ موجودگي جي صورت ۾ ڪو ٻيو چيئرمين جي ڪرسي تي نه ٿو ويهي سگهي.
ذريعن موجب، يوسف رضا گيلاني جي اجلاس جي صدارت ڪرڻ سبب حڪومت وٽ 63 ووٽ هوندا تنهنڪري سينيٽ ۾ هڪ ووٽ جي کوٽ کي ڪيئن پورو ڪيو ويندو ان حوالي سان حڪومت ٻڏتر جو شڪار آهي جڏهن ته حڪومت اجلاس جي صدارت ڪنهن اپوزيشن رڪن کان ڪرائڻ جي رسڪ به نٿي کڻي سگهي.
حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته بلوچستان عوامي پارٽي جا چار، ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي جا ٽي، ٽي ووٽ به آئيني ترميم جي حق ۾ ويندا، جڏهن ته نيشنل پارٽي، مسلم ليگ (ق ) جو هڪ، هڪ ووٽ به آئيني ترميم جي حق ۾ هوندو، سينيٽ ۾ موجود چار آزاد اميدوار به آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪندا.
ٻئي پاسي سينيٽ ۾ اپوزيشن اتحاد پي ٽي آءِ، سني اتحاد ڪائونسل، بي اين پي ۽ مجلس وحدت المسلمين جي ميمبرن تي ٻڌل آهي، هن وقت سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي جا 24، نون ليگ جا 19 ميمبر موجود آهن.
You might also like