آئيني ترميمن ۾ نئين عدالت جي جوڙجڪ جي تجويز به شامل، تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت طرفان قومي اسيمبلي ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيل آئيني ترميمي بِل جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
ذريعن موجب، آئيني پئڪيج ۾ ميثاق جهموريت تحت آئيني عدالت جي قيام جو امڪان آهي جڏهن ته نئين چيف جسٽس سان گڏ نئين آئيني عدالت جي قيام جي تجويز به غور هيٺ آهي، آئيني عدالت لاءِ ڌار چيف جسٽس جي مقرريءَ جي جتويز غور هيٺ آهي.
ذريعن موجب، نئين عدالت جو مقصد آئيني ڪيسن ۽ عوامي مفاد وارن ڪيسن کي الڳ الڳ ڪري اعليٰ عدالت تان ٻوجهه گهٽائڻ آهي.
حڪومتتي ذريعن جو چوڻ آهي ته آئيني عدالت جي جوڙجڪ وارو معاملو ڄاڻايل آئيني ترميمن جو حصو هوندو، عوامي مفاد جا ٻيا ڪيس موجودا سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌا ويندا جڏهن ته آئيني عدالت پنج رڪني هئڻ جي تجويز آهي.
ذريعن موجب، آئيني عدالت ۾ آئين جي آرٽيڪل 184، 185 ۽ 186 بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿيندي، آئيني عدالت جي جوڙجڪ ۾ چئني صوبن ۽ وفاق جي ججن جي نمائندگي جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي، آئيني عدالت ۾ صوبن صوبن طرفان آئين جي تشريح وارا معاملا به غور هيٺ اچي سگهندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي مطالبي تي ميثاق جهموريت تحٽ آئيني عدالت جي جوڙجڪ کي آئيني پئڪيج جو حصو بڻايو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.