اسلام آباد مان اڳواڻن جون گرفتاريون، پي ٽي آءِ پختونخوا قيادت ۾ ويڇا گهٽجڻ لڳا

پشاور (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس مان پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻن جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي اندروني اختلافن ۾ گهٽتائي اچڻ لڳي آهي.
گرفتارين کانپوءِ اڳوڻي صوبائي وزير شڪيل خان ۽ جنيد اڪبر سميت ناراض اڳواڻ به وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان گڏ هڪ پيج تي اچي ويا آهن ۽ برطرف وزير شڪيل خان اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سرڪاري اختيارين جي مخالفت ۾ بيان ڏنو
ذريعن موجب، سرڪاري اختيارين خلاف بيان ڏيڻ جو فيصلو وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو هو، شڪيل خان کي اسيمبلي اجلاس ۾ صوبائي حڪومت خلاف خطاب ڪرڻو هو پر اسيمبلي ميمبرن جي گرفتاري کانپوءِ شڪيل خان صوبائي حڪومت جي خلاف بيان کان پاسو ڪيو.
پارٽي ذريعن موجب، ايم اين اي جنيد اڪبر به صوبائي حڪومت خلاف جلسا ڪرڻا هئا پر موجودا صورتحال کي نظر ۾ رکندي جنيد اڪبر به پنهنجو فيصلو ملتوي ڪيو ۽ علي امين گنڊاپور جي حق ۾ بيان ڏنو.
ايم اين اي جنيد اڪبر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ کي مسلسل نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ موجودا حالتن ۾ علي امين گنڊاپور سميت پارٽي قيادت سان گڏ بيٺا آهيون.
ٻئي پاسي برطرف صوبائي وزير شڪيل خان چيو ته اسيمبلي ۾ هن وقت صوبائي حڪومت خلاف نه ڳالهائيدس ۽ سمورا اختلاف پاسي تي رکي ڇڏيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.