سنڌ جي اسڪولن جي زبون حالي جون وڌندڙ شڪايتون

ميڊيا ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن مان واقعاتي خبرن کان علاوه  جيڪي سڀ کان گهڻيون خبرون اينديون آهن سي اسڪولن جي عمارتن جي زبون حالي، بابت هونديون آهن . گذريل ڪجهه ڏينهن اندر ئي اسڪولن جي . ڪرندڙ عمارتن جون جيڪي خبرون شايع ٿيون آهن دل ٿي چوي ته جيڪر  نموني طور  هتي رکجن ته جيئن  انهن اسڪولن ڏانهن ڌيان ڏياري سگجهي. اهڙين خبرن مان ڪجهه خبرون هي آهن: ڏيپلو ۾ اسڪولن جون عمارتون زبون، 150 ٻارن جون حياتيون خطري هيٺ، ڇت مان چاپڙ ڪرڻ معمول بڻيل، دڙو ۾ 40 کان وڌيڪ اسڪولي عمارتون زبون حال، ڪيترن اسڪولن جو مرمتي ڪم اڌ ۾ رڪيل، اڏيرو لال  گرلس اسڪول جي عمارت زبون، فرنيچر جي کوٽ تعليم متاثر، ڪشمور لڳ پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال، چاپڙ ڪرڻ لڳا، ڄام صاحب لڳ 160 شاگردن لاءِ هڪ ڪمري وارو اسڪول، ڀريا سٽي لڳ پرائمري اسڪول مسئلن جي ور چڙهيل، 100 کان وڌيڪ ٻارڙا گرمي توڙي سردي ۾ پٽ تي ويهي تعيلم پرئڻ لڳا، ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان اسڪول زبون،  خيرپور لڳ  ٺري مير واهه جي ڳوٺ ڌڻي بخش چنو جو پرائمري اسڪول تعليم کاتي جي نااهلي سبب 5 سالن کان بند، ڄام صاحب لڳ 37 سال گذرڻ باوجود اسڪول کي عمارت نه ملي، وڳڻ جو اسڪول مسئلن جي ور  چڙهيل، ڳوٺ ٻلهڙيجي جي بوائز پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حالي جو بدترين مثال بڻيل، اسڪولن هلندي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ لڳا، زبون حال ڪلاسن ۾ شاگردن کي ويهاري پڙهائڻ جو خطرو نه پيو کنيو وڃي.  اسڪول جي استادن ۽ شاگردن جو  ميڊيا آڏو احتجاج سنڌ حڪومت کان اسڪول جي فوري مرمت جو مطالبو ڪيو ويو آهي.اسڪول جي زبون حالي جون اهي خبرون ته اسان هتي نموني طور ڪجهه رکيون آهن پر اها صورت حال  سنڌ جي اڪثريتي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جي اسڪولن جي آهي.

تعليم جي حوالي سان اها مشهور چوڻي ته هر ڪنهن ٻڌي هوندي ته جيڪڏهن ڪنهن قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ته ان جي تعليم کي تباهه ڪيو. ان چوڻي تحت ئي سنڌ دشمن طاقتن سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪري سنڌي قوم کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي ۽ ان ڪوشش يا سازشن ۾ ضياءَ الحق جي مارشل لائي دور کان حڪومتون ۽ خود تعليم کاتو سڌو سنئون ذميوار رهيو آهي.ايئن لڳندو آهي ته اهو تعليم کاتو سنڌ جي تعليم جي بهتري لاءِ نه پر تباهي لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. باوجود ان جي ته تعليم کاتي ۾ ڪم ڪندڙ سب وڏا ۽ ننڍا آفيسر سرڪار جون تمام وڏيون پگهارون به کڻن ٿا، رعايتون ۽ مراعتون به ماڻين ٿا پر کين تعليم جو  ايڏو  اونو ناهي جيڏو ميڊيا کي آهي، ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ صحافين ۽ رپورٽرن کي آهي.  ميڊيا ۽ رپورٽن جو ته اهو فرض آهي ته اهي تعليم جي تباهي جي خبرن کي منظر عام تي آڻي واسطيدار تعليم کاتي جو  ايڏانهن ڌيان ڇڪائجي پر افسوس ته تعليم جي وزارت توڙي تعليم کاتو ڪو  نوٽيس ناهي وٺندو .

تعليم جي وزارت جي ناقص ڪارڪردگي سبب خود تعليم کاتو به وڏن اندورني مسئلن جو  شڪار آهي. استادن جا مسئلا  ۽ انهن جا احتجاج به روز ميڊيا ۾ رپورٽ ٿين ٿا ۽ انهن استادن جا مسئلا ٻڌڻ ۽ حل ڪرڻ بدران مٿن پوليس هٿان لٺ بازي ڪرائي عالم آشڪار  تذليل ڪرائي ويندي آهي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته هن جديد دور ۾جنهن ۾ فيس بڪ ۽ واٽس اپ  جي سهولت  مليل آهي تن مان فائدو وٺندي  تعليم جي مسئلن ۽ اسڪولن جي زبون حالي جو تڪڙو نوٽيس وٺجي پر محسوس  ائين ٿيندو آهي ته  تعليم کاتو  اڃان ان ٽيڪنالاجي کان محروم آهي. تعليم کاتي جي ان سست ترين ڍڳو  پير پيران واري ڪارڪردگي کي ڏسي پراڻو ٽيڪنالاجي کان محرومي وارو دور ياد اچي ويندو آهي.

سو سنڌ ۾ نه تعليم کي ترقي ملي آهي، نه تعليمي نظام  جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ داخل ٿيو آهي، نه تعليمي نصاب جديد ضرورت پٽاندڙ آهي ۽ نه ئي تعليم ڏيڻ جي طريقي ۾ ڪا تبديلي  آئي آهي، تعليم جو  مجموئي نظام  اهو ئي پراڻو آهي. حقيقت ۾ ڏسجي ته سنڌ جي تعليمي نظام رڳو  تباهي ۾ ترقي ڪئي آهي. ٻيو ته ڇڏيو تعليم کاتو اسڪولن جي ڪمزور ڇتين ۽ ڀتين جي ڪرندڙ چاپڙن به جو فوري نوٽيس نه ٿو وٺي. اسان سنڌ جي اسڪولن جي زبوني صورت حال کي سنڌ جي تباهي جي تصوير  سمهجون ٿا. اهو جيڪو  چيو ويندو آهي ته  سنڌ تباهه ٿي وئي آهي  تنهن جي شڪل  سنڌ جا تباهه ٿيل اهي اسڪول آهن.  جن بابت روز اخبارن ۾  رپورٽون ته ڇپجن ٿيون ۽ ميڊيا اهي خبرون ان احساس وچان به لازمي طور ڏيڻ جي ذميواري ادا ڪندي آهي جو ان کي ان معاملي جي نزاڪت جي پروڙ آهي.

ٻيو ته  سنڌ جي تعليم تي جيڪا بجيٽ خرچ ٿئي ٿي تنهن جي به اها تقاضا آهي ته اها درست نموني خرچ  ٿئي. تعليم کاتي  کي زبون حال اسڪولي عمارتن جي مرمت جو فوري طور تي پراجيڪيٽ  آڻڻ گهرجي ۽ اهو پراجيڪٽ ضلعي، تعلقي ۽ يوسيز  جي سطح تي فوري طور شروع ڪرڻ گهرجي. سنڌ حڪومت ۽ تعليم جي وزارت کي لاڳيتو ميڊيا ۾ ايندڙ انهن خبرن کي تعليم جي حوالي سان پنهنجي ناڪامي سمجهڻ گهرجي، اڇو  چٺو  ڀانئڻ گهرجي ۽ پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر  ڪرڻ گهرجي.  اسان ته سنڌ جي اسڪولن جي عمارتن جي زبون حالي ڏسي ئي نٿا سگهون سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سنڌ حڪومت ۽ تعليم جي کاٽي کي ان جو اونو  ڇو ناهي.

اسان سنڌ جي تعليم  جي تباهي تي ڪجهه ڏينهن اڳ به هڪ ايڊيٽوريل لکيو هو جنهن ۾ تعليم جا مسئلا بيان ڪندي لکيو  هو ته ڪٿي اسڪول  آهن ته استاد ناهن،  ڪٿي استاد آهن ته اسڪول جي عمارت ناهي، اسڪول آهن ته  وري زبون حالي جو شڪار آهن،گوسڙو ماسترن جون ڌار شڪايتون آهن، اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ جون شڪايتون به عام جام آهن تنهن ڪري هن وقت تعليم کاتي کي هڪ غير معمولي  وزير  جي ضرورت آهي جيڪو سنڌ جي تعليم جي بهتري تي ڪو ڪمپرومائيز  نه ڪري ۽ شڪايتن جو فوري نوٽيس وٺي سنڌ جي اسڪولن جي مرمت جو منصوبو شروع ڪرائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.