انگريزن کان آزادي جي جدوجهد ۾ سنڌ جو ڪردار

تحرير: علي محمد ميمڻ

ننڍي کنڊ (هندستان ۽ سنڌو ماٿريء جي رياستن) جي انگريزن کان آزادي جي 1857ع واري جدوجهد ۾ سنڌ جو ڪردار تمام شاندار ۽ مثالي رهيو آهي. 14 سيپٽمبر تي پريڊ گرائونڊ (ايمپريس مارڪيٽ) جي شهيدن جي ياد ۾ ڏينهن جي اهميت هڪ مثالي حيثيت رکي ٿو. سنڌ جي سورمن ۽ آزادي پسندمجاهدن جي پنهنجي رت سان ريج ڏيئي ريٽي ڪيل هي سرزمين تمام عظيم آهي جنهن تي وطن جي سپوتن جهڙي ريت پنهنجي قربانين ۾ عظيم زندگين جا نذرانا پيش ڪيا ويا اهي سرويچ لاشڪ سنڌي قوم جوڪنڌ فخر سان بلند ڪري ويا.

پريڊ گرائونڊ تي درجنن جي تعداد ۾ انگريزن سان دوبدو مقابلو ڪندي مارجي ويلن مجاهدن ۽ ان بعد گرفتار ڪيل مجاهدن مان گهڻن کي ڦاهيون ڏيڻ ۽ رام دين پانڊي، سورج بالي تيواڙي سميت ٽن جوڌن کي توپن سان ٻڌي جيئري فائر ڪري شهيد ڪرڻ وارا منظر ۽ قربانين جو اهو بلند ۽ اعليٰ مقام ۽ مثال لاشڪ سنڌ ڌرتي جي سپوتن جي ايڏي وڏي شان آهي جنهن عمل کي سنڌ جي مجاهد جرنيل هوش محمد شيدي جي جدوجهد ۽ بي مثال قربانين جو ورثو ۽ ميراث ضرور قرار ڏيئي سگهجي ٿو. ڪراچي جي شهيدن رام دين پانڊي، سورج بالي تيواڙي، سان گڏ اسان جي مقامي سپاهين جو پڻ هڪ تعداد جدوجهد ۾ شامل رهيو ،جنهن جي نتيجي ۾ هنن شهادتون ماڻيون، ڦاسين تي چاڙهيا ويا ۽ ڪورٽ مارشل تحت وطن بدر ڪري ڪاري پاڻي ۽ انڊيمان جي جزيرن جي بنديخانن ۾ نيو ويو ۽ ان بعد انهن جي ڪابه خبر نه پئجي سگهي پر يقينن اهي بنديخانا پڻ سنڌ جي وڃايل تاريخ جو هڪ باب آهن جن جي اسان ۽ نسلن کي ڳولا ڪرڻي آهي.

ڪراچي جي مرڪز ،صدر واري مقام تي موجود خوبصورت عمارت”ايمپريس مارڪيٽ“ پنهنجي حسن ۽ سونهن جو هڪ شاهڪار ضرور آهي پر ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه هي آهي ته سنڌ جي گادي واري مرڪز بابت اڪثر ماڻهن کي اهو به معلوم ناهي ته انهيءَ خوبصورت عمارت ۽ يادگار جي هيٺان سنڌ جي آزادي پسندن ۽ سورمن جي  رت سان ريج ڏنل اها سرزمين آهي جنهن جي هر هڪ حصي تي سندن رت جي ڇٽڪار ٿيل آهي ۽  هي اهو مقام آهي جتي سنڌ جي امر شهيدن رام دين پانڊي ( جنهن جو تعلق بريلي سان هو) سورج بالي تيواڙي سميت ٽن  سورمن کي توپن جا گولا فائر ڪري جيئري ٽڪرا ٽڪرا ڪري شهيد ڪيو ويو  ۽ ڪجهه دير اڳ 6 سنڌي سورمن کي ساڳي ئي مقام تي ڦاهيون ڏيئي شهيد ڪيو ويو ۽ ان کان اڳ گرفتار ڪيل 21 رجمينٽ جي 23 سپاهين کي فائرنگ اسڪواڊ جي سامهون بيهاري ماريو ويو هو.  اهڙي  ريت رجمينٽ جي 41 سپاهين مان باقي فرار ٿي ويل سپاهين کي بعد ۾ کارادر، لياري ۽ ملير جي مختلف علائقن مان ڳولي گرفتار ڪيو ويو جنهن مان هڪ تعداد کي مزاحمت تي ماريو ويو، ٻين کي ڦاسيون ڏنيون ويون ۽ باقي سپاهين کي گرفتار ڪري ڪيس هلائي کين سزائون ڏيئي انڊيمان جزيرن ۽ ڪاري پاڻي جي جيلن ۾ موڪلي ڇڏيو ويو جنهن جي بعد ۾ ڪابه خبر پئجي نه سگهي. انگريزن طرفان ان بعد ننڍي کنڊ جي هن ٽئين وڏي آزادي جي ويڙهه جي مرڪز کي سختي سان چيڀاٽيو ويو ۽ رام دين پانڊي ، سورج بالي تيواڙي ۽ ٻين شهيدن جي قبر مٿان 1889ع ۾ ايمپريس مارڪيٽ تعمير ڪري ڇڏي جنهن ڪري هن وقت انهن آزادي جي عظيم شهيدن جي قبرن جي ڪنهن کي ڪابه خبر ڏيڻ بجاءِ ان  معتبر مقام  جي سڃاڻپ گم ڪرڻ سان گڏوگڏ انهيءَ جي لتاڙ پڻ ڪئي پئي وڃي.

انگريزن اڍائي سئو سالن کان مٿي عرصو هندستان تي حڪمراني ڪئي.  جڏهن ته  ٻئي پاسي، هندستان جو پاڙيسري خطو سنڌو ماٿري (هاڻوڪو  ملڪ پاڪستان)  تي انگريزن هندستان تي قبضي جي 150 سالن بعد حملو ڪيو ۽ سنڌ  جي ڪراچي بندرگاهه تي حملو ڪيو ۽ سڀ کان پهرين، منهوڙي ٻيٽ تي حملوڪيو ۽ اتي فوجين جو تمام ٿورڙو تعداد موجود هو ۽ منهوڙي جي قلعي تي لڳل توپون  ناڪاره هئڻ ڪري انگريزن جي گولاباري جو مقابلو نه ڪري سگهيون.  اهڙي ريت انگريزن جي فوجن سڀ کان پهرين منوڙي تي قبضو ڪيو ان بعد وڌيڪ فوجون گڏ ڪري ڪراچي شهر ۾ لهي پيا ۽ ائين اڳتي وڌي ڪراچي بندرگاهه کان ٻاهر نڪري لياري واري پراڻي شهر جي اڀرندي پاسي سول اسپتال واري ميدان ۾ فوجون گڏ ڪيون. سنڌ جي حڪمران ميرن طرفان انگريزن خلاف ڪا خاص مزاحمت نه ڪئي ويئي ۽ آخرڪار انگريز فوجن ڪجهه ئي وقت ۾ حيدرآباد رياست جي حڪومتي مرڪز”حيدرآباد جي قلعي“ تي قبضو ڪري ورتو. اڳتي هلي انگريزن، سنڌ جي ٻئي رياست خيرپور رياست تي پڻ حملو ڪري پنهنجي خيرخواهه ۽ ڏن ڀرو ميرن جي حڪمراني تي قبضو ڪري ورتو ان بعد هو سنڌ جي اوڀر ۾ ميرپورخاص رياست تي حملي آور ٿيا جتي محدود جنگ بعد هنن ميرپورخاص رياست تي پڻ قبضو ڪري ورتو. سنڌ فتح ڪرڻ بعد انگريزن پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد طرف پيش قدمي ڪئي ۽ آهستي آهستي سنڌو ماٿري واري لڳ ڀڳ سموري خطي تي قبضو ڪري ورتو ۽ ان کي هندستان جي پنهنجي حڪمراني جي ماتحت ڪري ڇڏيو. هن خطي جي تاريخ مان اهو واضح آهي ته سنڌو ماٿري جي رياستن وارو خطو ڪڏهن به هندستان جو حصو نه رهيو آهي پر پاڙيسري خطو هئڻ ڪري هندستان جي مغل حڪمرانن، انگريزن ۽ ٻين هندستان جي حملي آورن جي يلغارن جو شڪار ضرور رهيو آهي.

اهڙي ريت 14 سيپٽمبر 1857ع انگريزن جي قبضي ۾ موجود سنڌ جي آزادي جي تڙپ ۽ علامت بڻجي اڀريو جڏهن ڪراچي ۾ موجود 21 رجمينٽ جنهن جي اڪثريت مقامي ماڻهن جي هئي ان ۾ انگريزن خلاف بغاوت ڪرڻ جون تياريون ٿيڻ لڳيون پر ان رات پوڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ هڪ فوجي مخبر جي اطلاع تي انگريزن جي فوج متحرڪ ٿي ويئي ۽ ڪراچي جي ڇانوڻي واري علائقي ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري 21 رجمينٽ کي غير مسلح ڪرڻ لاءِ گهيراءِ ڪيو ويو ۽ کين هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.  واقعي موجب رام دين پانڊي ۽ رجمينٽ جي سپاهين تي الزام هئا ته هو رات جو 2 وڳي کانپوءِ انگريز آفيسرن جي گهرن ۽ آفيسن تي حملا ڪري فوجي ۽ ٻين سول انگريز عملدارن کي قتل ڪرڻ جو منصوبو بڻائي چڪا هئا ۽ ان منصوبي تي عملدرآمد کان اڳ صوبيدار رام دين پانڊي ۽ حوالدار سورج  بالي تيواڙي جا بمبئي ۽ ٻين ڇانوڻين ۾ فوجين سان ويجها رابطا هئا ۽ ان سان گڏ ڪراچي جي شهرين سان  پڻ رابطا هئا.انگريزن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جو وقت رات 2  وڳي مقرر ڪيل هو ۽ مقرر وقت تي رجمينٽ کي پيش قدمي ڪرڻ جا صوبيدار رام دين پانڊي طرفان اهڙا حڪم ڏنا ويا هئا جنهن جي پوئيواري ۾ حولدار سورج بالي تيواڙي ۽ ٻيا متحرڪ ٿي چڪا هئا.

ان ڪيس جي ملندڙ مختلف حوالن موجب، بغاوت ڪندڙ رجمينيٽ طرفان پنهنجو مقصد ماڻڻ ۽ انگريزن جي قتل عام بعد رام دين پانڊي ۽ انهن جي ساٿين طرفان انگريزن کان  آزادي جو اعلان ڪرڻو هو. جنهن جي نتيجي ۾ ممڪن آهي ته بمبئي ۽ هندستان جي ٻين ڇانوڻين ۽شهرن ۾ پڻ ان جو ردعمل پيدا ٿي پوي ها.  پر  وقت کان اڳ انگريزن کي مخبر ذريعي اطلاع ٿي وڃڻ ڪري ان منصوبي تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو ۽  حوالدار سورج  بالي تيواڙي جي زور ڀرڻ تي رام دين پانڊي سپاهين جو هڪ تعداد سميت فوجي بيرڪس مان  نڪري ويو، بعد ۾ انهن سپاهين مان ٽن کي ميٺادر واري علائقي مان گرفتار ڪري ماريو ويو ۽ سندن جسمن کي سمنڊ ۾لوڙهي ڇڏيوويو. وڌيڪ 15 سپاهين کي 16 مئي 1857ع تي گرفتار ڪيو ويو جن مان يارنهن  کي ايمپريس مارڪيٽ واري مقام تي ڦاهيون ڏنيون ويون. رام دين پانڊي کي احمد خان گبول ڳوٺ مان گرفتار ڪيو ويو ۽ هن سميت چئن ڄڻن کي پڻ پريڊ گرائونڊ (ايمپريس مارڪيٽ) تي توپن سان اڏائي ڇڏيو. 21 رجمينٽ جي  مقامي سپاهين جي اڪثريت مقامي سپاهين تي ٻڌل هئي، جنهن ۾ ٻين رياستن ۽ قومن جا سپاهي ۽ آفيسر صوبيدار رام الدين پانڊي، حولدار سوراج بالي تيواڙي ۽ ٻين 41 سپاهين  جي ڏنل جانين جي قربانين، شهادتن ۽ جيئري ڦاهين ۽ ڪجهه آفيسرن کي توپن سان اڏائي شهيد ڪرڻ بعد سندن رت سان ريٽل جسمن جي ٽڪرن کي ميڙي پريڊ گرائونڊ ۾ کوٽيل کڏ ۾ اڇلائي دفن ڪري ڇڏيو ويو. ان بعد انگريز سرڪار طرفان 21 رجمينٽ کي ئي ختم ڪري ڇڏيو ويو .   1857ع واري آزادي جي هن ويڙهه ۽ واقعن کي اڄ 167 سال گذرڻ بعد هي پهريون موقعو آهي ته، سنڌ جي سپوتن خاص طور تي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي طرفان پنهنجي قديم تاريخ ۽ آزادي جي جدوجهد جي هڪ اهم باب کان قوم کي روشناس ڪرائڻ لاءِ اڄ ڪراچي پريس ڪلب ۾”ننڍي کنڊ جي 1857ع واري آزادي جي جدوجهد ۾ سنڌ جي ڪردار تي ڪانفرنس“ رکي ويئي آهي. پر ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌ جي گم ٿيل تاريخ جي ڳولا ڪري تاريخ جي دز هيٺان دٻيل يا گم ٿيل بابن تان ڪڏهن پردو کڄي سگهندو ۽ انهن معاملن تي ڪڏهن قلم ۽ علم کڻي سگهبا انهن لاءِ يقينن وقت جو انتظار رهندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.