هڪ سال دوران آءِ پي پيز ادائيگين جا تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاور ڊويزن طرفان قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل تفصيلن موجب هڪ سال دوران 33 آپي پيز کي 979 ارب 29 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جون ادائيگيون ڪيون ويون.
پاور ڊويزن طرفان پيش ڪيل انگن اکرن موجب، جولاءِ 2023 کان جون 2024 تائين 33 آءِ پي پيز کي ڪيپسيٽي پيمنٽ جي مد ۾ 979 ارب 29 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم ادا ڪئي وئي.
دستاويز موجب، مقامي ۽ درآمدي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪندڙ 8 آءِ پي پيز کي 718 ارب رپين کان وڌيڪ جون ڪيپيسٽي پيمنٽس ڪيون ويون جڏهن ته هائيڊرل ذريعن مان بجلي پيدا ڪندڙ 3 آءِ پي پيز کي 106 ارب رپين کان وڌيڪ ڪيپيسٽي پيمنٽ ڪئي وئي.
پاور ڊويزن جو چوڻ آهي ته فرنس آئل مان بجلي پيدا ڪندڙ 11 آءِ پي پيز کي هڪ سال دوران 81 ارب 60 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي ڪيپيسٽي پيمنٽ ڪئي وئي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران ڪي اليڪٽرڪ ۽ حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي ٽن سالن جي نقصانن جا تفصيل پڻ ايوان ۾ پيش ڪيا ويا.
ايوان ۾ لکت ۾ پيش ڪيل جواب ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سال22-2021 ۾ حيسيڪو ۾ 27 ڏهائي 4 سيڪڙو، سال 23-2022 دوران 27 ڏهائي 1 سيڪڙو جڏهن ته سال 24-2023 ۾ 27 ڏهائي 1 سيڪڙو بجلي جو نقصان ٿيو.
ان کانسواءِ ڪي اليڪٽرڪ کي سال 22-2021 ۾ 15 ڏهائي 35 سيڪڙو، سال 23-2022 ۾ 15 ڏهائي 27 سيڪڙو جڏهن ته سال 24-2023 دوران 16 سيڪڙو بجلي جو نقصان ٿيو.
اختيارين طرفان پيش ڪيل دستاويزن موجب، سڄي ملڪ جي بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين مان بجلي چوريءَ جا 84 هزار 362 واقعا رپورٽ ٿيا جڏهن ته ڊسڪوز مان بجلي چوري ڪندڙ 291 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
اختيارين موجب، ڊسڪوز ست هزار 68 ڪيس داخل ڪرايا ۽ 47 ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو جڏهن ته ڊسڪوز طرفان 885381 ملين رپين جون رهتون پڻ اوڳاڙيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.