اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جو ملٽري ٽرائل غور هيٺ هئڻ يا نه هئڻ بابت وفاقي حڪومت کان واضح جواب گهري ورتو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پي ٽي آءِ باني عمران خان جي امڪاني ملٽري تحويل ۽ ٽرائل خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ عمران خان جي وڪيل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿي دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران جسٽس گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏنا ته عمران خان هڪ سويلين آهي، عام شهرين جو ملٽري ٽرائل درخواست گذار ۽ عدالت لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي.
جسٽس ميان گل حسن چيو ته درخواست گذار جي وڪيل جو چوڻ آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان بيان آيو آهي، جيڪڏهن ائين آهي ته فيڊريشن طرفان واضح موقف اچڻ گهرجي.
جج چيو ته اڄ اسان چئون ته في الحال ڪجهه ڪونهي، سڀاڻي اوهان ملٽري ٽرائل جو آرڊر کڻي اچو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ وفاقي حڪومت کان معلومات وٺي سومر تي عدالت کي واضح طور آگاهه ڪريو.
ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل استدعا ڪئي ته پهريان درخواست تي واريل اعتراضن تي فيصلو ڪيو وڃي جنهن تي جسٽس گل حسن چيو ته هو درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪري رهيو آهي.
عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ جو فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت فيصلو موجود آهي، جواب ڏيو ته ڇا پي ٽي آءِ باني جي ملٽري ٽرائل وارو معاملو غور هيٺ آهي؟ جيڪڏهن اهڙو ڪجهه ناهي ته درخواست غير اثرائتي ٿي ويندي ۽ جيڪڏهن اِهو معاملو غور هيٺ آهي ته پوءِ اسان ڪيس ٻڌي فيصلو ڪنداسين.
ان کانپوءِ عدالت درخواست تي اعتراض ختم ڪندي رجسٽرار آفيس کي درخواست تي نمبر لڳائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
عدالت وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 سپٽيمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like