گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻن جي جسماني رمانڊ وارو فيصلو معطل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي گرفتار اڳواڻن جي جسماني رمانڊ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز پي ٽي آءِ جي گرفتار اڳواڻن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
وڪيل شعيب شاهين جي درخواست تي عدالت پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبرن زين قريشي، شيرافضل مروت ۽ شيخ وقاص اڪرم جي جسماني رمانڊ وارو آرڊر معطل ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن اسان ڪو آرڊر ڪنداسين ته جوابدار جڊيشل ٿي ويندا؟ جسماني رمانڊ جو هي آرڊر برقرار ته نه ٿو رهي سگهي پر جيڪڏهن ٿي ويو ته ڇا ٿيندو؟
درخواست گذار جي وڪيل چيو ته عدالت کي گهڻو ڊگهو جسماني رمانڊ نه ڏيڻ کپي، ٽرائل ڪورٽ پنهنجي آرڊر ۾ رمانڊ جو ڪو سبب به ناهي ڄاڻايو.
چيف جسٽس عامر فاروق پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جسماني رمانڊ واري فيصلي جو ڪيئن دفاع ڪندئو؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر جوابدارن خلاف ايف آءِ آرز پڙهي ٻڌايون.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ چيف جسٽس چيو ته سڀاڻي جمعو آهي ۽ جمعي تي ٻه رڪني بئنچ ناهي هوندي، سڀاڻي ڏهين وڳي هي ٻه رڪني خصوصي بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.
پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته جسماني رمانڊ وارو فيصلو معطل ڪرڻ سان خراب تاثر ويندو، جنهن تي عدالت چيو ته خراب تاثر ويندو؟ وضاحت ڪريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.