راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صحافين بابت بيان کي اڻوڻندڙ قرار ڏئي ڇڏيو.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته علي امين گنڊاپور کي صحافين بابت اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن ها.
عمران خان چيو ته علي امين گنڊاپور خطاب دوران جوش ۾ اچي تمام گهڻو ڳالهائي ويو آهي، سندس صحافين بابت ڏنل بيان جي حمايت نه ڪندس.
پي ٽي آءِ باني چيو ته موجودا صورتحال ۾ صحافي جنهن دٻاءُ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن هو جهاد ڪري رهيا آهن.
ياد رهي ته اٺ سپٽيمبر تي اسلام آباد ۾ ٿيل جلسي ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور صحافين بابت گٿا لفظ استعمال ڪيا هئا جنهن تي صحافي برداري طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو هو.