ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي علائقي جوهو موڙ ملينيم مال وٽ بلڊر کان ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڦر جي ڪوشش ڪرڻ دوران مقابلو ٿي پيو، مقابلي دوران ٽن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته فائرنگ ۾ هڪ شهري ۽ سيڪيورٽي گارڊ به گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، زخمين مان هڪ ڦورو، شهري ۽ سيڪيورٽي گارڊ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. ڦر دوران شهري جي زخمي ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل ٿي وئي. خانگي بئنڪ مان ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڪڍرائي ٻاهر نڪرندڙ بلڊر کان ڦورن ڦر جي ڪوشش ڪئي، اطلاع ملندي ئي پوليس رقم ڦر ڪري فرار ٿيندڙ ڦورن جو پيڇو ڪيو، پوليس موجب مقابلي دوران ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٽيون ڦورو شاپنگ مال ۾ فرار ٿي ويو، جتي شهرين کيس پڪڙي ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته نارٿ ڪراچي جو بلڊر پئسا کڻي وڃي رهيو هو ته ڦورن کيس گهيري ورتو، بر وقت پوليس جي پهچڻ تي ڦر جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو،