ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گم ٿيل ماڻهو جي بازيابي جي لاءِ درخوستن تي ٻڌڻي ٿي .گم ٿيل ماڻهن جا وڪيل ۽ جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا .عدالت جاچ آفيسر کان پچاڻو ڪيو ته شهرين جي بازيابي جي لاءِ ڪهڙيون ڪاروائيون ڪيون ويون آهن .جاچ آفيسر چيو ته اسان ملڪ جي ايجنسين ۽ حراستي مراڪز تي خط لکيا آهن درخواست گذار اسان کان سهڪار نه ڪري رهيا آهن .عدالت ۾ جاچ آفيسر چيو ته سائٽ سپر هاءِ وي تان گم ٿيل شهري محمد سراج پوليس کان گهرجي، هڪ شهري گهر واپس اچي ويو آهي جڏهن شهري نياز احمد ۽ علي احمد جيڪسن پوليس اسٽيشن کان گم آهي .