هاڪڙي تي ٺهيل پلون لڙهي ويون، 200 کان وڌيڪ ڳوٺن جو رابطو ڪٽيل

ڪلوئي ( رپورٽ:نواز لنڊ) هاڪڙو پراڻ رهواسين لاءِ ڏچو بڻجي ويو ٺيڪيدار پاران جگاڙ ذريعي ڏنل بند لڙهڻ کان پوءِ ڳوٺ پنهوار ڳوٺ ڪاٺڙي وٽ ٺيڪيدار پاران جگاڙ طور ٻڌل ڪاٺ جي لڪڙن واريون پلون لڙهي ويون آهن،  جنهن ڪري ڄار پتڻ کان وٺي ڪاٺڙي بند تائين 25 ڪلو ميٽر جي ايراضي تائين تقريبن ٻن سئو کان وڌيڪ ڳوٺن جي رهواسين جو زميني  رابطو ڪٽجي ويو آهي جڏهن ته ڪافي ماڻهن جون اسپتال ۽ اسڪول شاگردن جي اچ وڃ جا سمورا لنگھه بند ٿي ويا آهن ان سلسلي م هتي جي رهواسين صدام حسين لنڊ ۽ڳوٺاڻي محمد لنڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٺيڪيدار شاهنواز پنهوار آبي دهشتگردي ڪري اسان جي اچ وڃ جا سمورا لنگهھ بند ڪري ڇڏيا آهن هن چيو ته زمينن ۾ وڏا کڏا هنيا ويا آهن اسان جون زمينون خراب ڪري اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي جئيڻ جنجال بڻايو ويو آهي هنن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان گهر ڪيون ٿا ته هاڪڙو پراڻ م ٿيل ڪرپشن ۽مقامي ماڻهن سان زيادتي جو نوٽيس ورتو وڃي.

  1. ڳوٺاڻن پاران ھاڪڙي پراڻ جي ٺيڪيدار خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان

ڪلوئي : ڳوٺاڻن پاران ھاڪڙي پراڻ جي ٺيڪيدار خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي محمد خان لنڊ ميٽ دي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هاڪڙو پراڻ جو ٺيڪيدار ڪجهه سياسي ماڻهن سان ملي ڪري هتي جي غريب ماڻهن کي هڪڙي پلائنگ تحت آبي دهشتگردي ڪري ٻوڙي ماريو پيو وڃي ، هن چيو ته جلد اسان قانوني ماهرن سان گڏجي ٺيڪيدار ئي ڪامورن خلاف ڪورٽ سڳوري جو در کڙڪاينداسين .

  1. پل نه هجڻ سبب 600 کان وڌيڪ شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل

ڪلوئي : ھاڪڙو ۾ پاڻي جو چاڙھه هئڻ ڪري ٻن سئو ڳوٺن جي ڇهھ سئو کان وڌيڪ شاگردن جو تدريسي عمل متاثر ٿيڻ لڳو ، ھاڪڙو پراڻ ۾ ٺيڪيدار پاران ڏنل ناقص ڪم ئي غلط پلائنگ سبب هاڪڙو جي اوڀر طرف ٻن سئو کان وڌيڪ ڳوٺن جي اٽڪل ڇھه سئو کان وڌيڪ شاگردن جو  تدريسي عمل متاثر ٿيڻ لڳو آهي جڏهن ته هاڪڙو پراڻ مان ڪراس ڪري شادي لارج کوسڪي بدين ويندڙ اسڪول شاگردن جي تعليم سخت متاثر بڻيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.