نين نوڪرين ۽ گاڏين تي پابندي لاڳو

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت سادگي واري فيصلي تي عمل ڪندي گذريل 3 سالن کان خالي پيل سموريون پوسٽون ختم ڪندي  نيون پوسٽون پيدا ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ خرچن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.وفاقي حڪومت ڪفايت شعاري تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ناڻي واري وزارت وفاقي حڪومت جي خرچن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب هر قسم جي گاڏين جي خريداري تي پابندي هوندي جڏهن ته مشينري ۽ سامان جي خريداري تي به پابندي هوندي.ان کان سواءِ سرڪاري خرچ تي ملڪ کان ٻاهر علاج ۽ غير ضروري پرڏيهي سفر تي پابندي هوندي.ناڻي واري وزارت فيصلن تي عملدرآمد لاءِ سمورن وفاقي وزارتن، ڊويزنن کي نوٽيفڪيشن موڪلي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.