سياسي اختلاف نفرتن ۾ نه بدلايو، ملڪ دشمن جتي ڏسو، ڳاٽو ڀڃو: آرمي چيف

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قومي اتحاد لاءِ ضروري آهي ته سياسي نظرين جي اختلافن کي نفرتن ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏنو وڃي.جنرل هيڊڪوارٽر راولپنڊي ۾ 6 سيپٽمبر (يوم دفاع) جي موقعي تي ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف وڌيڪ چيو ته قومي اتحاد لاءِ مذهبي عدم برداشت کان مٿانهون ٿي آئين موجب اقليتن جي حقن جو مڪمل تحفظ ضروري آهي.ان موقعي تي آرمي چيف دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن عزم استحڪام تي به ڳالهايو. هن چيو ته آپريشن عزم استحڪام نيشنل ايڪشن پلان جي ڪڙي آهي. هن ڊگھي جنگ ۾ نه رڳو پاڪستان جي فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پر عوام جي وڏي انگ خاص ڪري خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.جنرل عاصم منير چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي بهادر عوام بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، جيڪي اسان جي قوم جي تاريخ جو سونهري باب آهن.هن وڌيڪ چيو ته مان دهشتگردي پکيڙڻ ۾ ملوث ٻاهرين طاقتن کي سمجهائڻ چاهيان ٿو ته پاڪستاني فوج ۽ پاڪستاني عوام پنهنجي سالميت جو دفاع ڪرڻ ڄاڻين ٿا ۽ توهان جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستاني قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ ايندڙ وقت تائين پنهنجي سالميت جو دفاع ڪندي رهندي.آرمي چيف نوجوان نسل کي پاڪستان جو مستقبل ۽ اثاثو قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان جي روشن مستقبل تي پورو يقين پاڪستانيت جو لازمي حصو آهي.جنرل عاصم منير وڌيڪ چيو ته قوم ۾ انتشار، بي يقيني ۽ مايوسي پکيڙيندڙ سمورن عنصرن کي پنهنجي ذهني هم آهنگي سان متحد ٿي شڪست ڏينداسين، قومي اتحاد کي ڪمزور ڪرڻ جا ناپاڪ مقصد ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.هن چيو ته دهشتگردن جون تازيون ڪارروايون پاڪستان کي ڪمزور رياست بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش آهن، جن کي ماضي ۾ قوم ۽ فوج جي گڏيل اتحاد سان شڪست ڏني وئي، مستقبل ۾ به زمين تنگ رهندي.هن چيو ته قوم جي اجتماعي دانش، نيشنل ايڪشن پلان ۽ قرآن پاڪ جي ابدي حڪمن جي رهنمائي ڪندي جيستائين فتني جو خاتمو نه ٿيندو تيستائين جتي به ڏٺو ان جو ڳاٽو ڀڃي ڇڏينداسين. هن چيو ته اڄ ڀارت والاريل ڪشمير ۾ اڪثريتي مسلمانن ۽ اقليتن جي نسل ڪشي ذريعي سماجي تبديليون آڻي رهيو آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو قائم ٿيڻ ڪشمير مسئلي جي حل ۾ آهي. پاڪستاني قوم ڪشميري عوام کي يقين ڏياري ٿو ته هو آزادي حاصل ڪرڻ تائين سندن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي. تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف سميت ٻين اعليٰ حڪومتي ۽ فوجي عملدارن ۽ شهيدن جي خاندانن شرڪت ڪئي.جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ شهيدن جي بلند درجات لاءِ دعا ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.