نيب ترميمون بحال، عدالت جو ڪم آئيني ادارن ۾ مداخلت ناهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قومي احتساب بيورو (نيب) ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري وفاقي حڪومت سميت  ٻين جي انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ڪندي نيب ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري 3 رڪني بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي نيب ترميمن کي بحال ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جو باني عمران خان اهو ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ته نيب ترميمون آئين خلاف آهن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان اپيلن تي مختصر فيصلو ٻڌائيندي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سپريم ڪورٽ جو ڪم ناهي ته هو ملڪ جي آئيني ادارن ۾ مداخلت ڪري ۽ پارليامينٽ جي گيٽ ڪيپر جو ڪردار ادا ڪري. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مختصر فيصلو ٻڌائيندي چيو ته اهي ترميمون نه آئين ۽ نه ئي بنيادي انساني حقن جي خلاف آهن. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئين ٺاهڻ جو اختيار پارليامينٽ کي آهي ۽ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان اهو ثابت نه ڪري سگهيو ته اهي ترميمون غير آئيني آهن. سپريم ڪورٽ نيب ترميمي ڪيس جو فيصلو 0-5 تائين ٻڌائيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو باني عمران خان ثابت نه ڪري سگهيو ته نيب ترميمون غير آئيني آهن. سپريم ڪورٽ محفوظ فيصلو ٻڌائيندي وفاقي حڪومت سميت ٻين انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي ۽ نيب ترميمون بحال ڪري ڇڏيون.  عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عدليه ۽ مقننه جو ڪردار آئين ۾ واضح آهي، عدليه ۽ پارليامينٽ هڪ ٻئي جي دائري ۾ مداخلت نه ڪن، آئين ۾ ڏنل فرضن کي انجام ڏيڻ بهتر آهي. عوام جي خدمت ڪندڙ ادارا، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سپريم ڪورٽ جا جج پارليامينٽ جا دربان نه آهن. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مشرف دور ۾ ٺاهيل قانون جي ديباچي ۾ لکيل هو ته نيب قانون جو مقصد ڪرپشن کي حل ڪرڻ آهي، پرويز مشرف سان شامل سياستدانن يا سياسي پارٽين کي بري ڪيو ويو، نيب قانون جو مقصد سياسي انتقام يا سياسي انجنيئرنگ هئي. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو ته پارليامينٽ جو ڪم قانون ٺاهڻ آهي، جيستائين قانون کي ڪالعدم قرار نه ڏنو وڃي، سپريم ڪورٽ ۽ ٻيون عدالتون قانون تي عمل ڪرڻ جون پابند آهن، جيستائين قانون کي ڪالعدم قرار نه ڏنو وڃي ان جو احترام ڪيو وڃي. جيڪڏهن پارليامينٽ آئين جي ابتڙ ڪو قانون ٺاهي ته عدالت ان کي رد ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي. 3 رڪني بينچ جي ججن جي اڪثريت آئين ۾ ترميمن جو جائزو نه ورتو، آئين ججن کي پنهنجي معيار يا يارڊ اسٽڪ موجب قانون جو فيصلو ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي. جج پنهنجي حلف موجب آئين ۽ قانون جا پابند هوندا آهن. چيف جسٽس جي لکيل گڏيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيب قانون اڳوڻي آرمي چيف پرويز مشرف زبردستي اقتدار ۾ اچڻ جي 34 ڏينهن کانپوءِ ٺاهيو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پرويز مشرف آئيني جمهوري آرڊر کي ٻاهر اڇلايو ۽ پنهنجي لاءِ قانون سازي ڪئي، پرويز مشرف اعليٰ عدليا جي انهن ججن کي هٽايو، جن غير آئيني قدمن جي واڌ نه ڪئي. مشرف دور ۾ ٺاهيل قانون جي مسودي ۾ لکيو ويو ته نيب قانون جو مقصد ڪرپشن جو سدباب آهي، جن سياستدانن ۽ سياسي جماعتن پرويز مشرف کي جوائن ڪيو، کين بري ڪيو ويو، نيب قانون جو اصل مقصد سياستدانن کي سياسي انتقام يا سياسي انجنيئرنگ هو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ کي قانون سازي جلد ختم ڪرڻ بدران ان کي بحال رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪنهن قانون جون ٻه تشريحون هجن ته قانون جي حق ۾ ايندڙ تشريح کي تسليم ڪيو وڃي. موجوده ڪيس ۾ به ترميمون غير آئيني هجڻ جي حوالي سان اسان قائم نه ٿي سگهياسين، انهن مان ڪيترين ئي ترميمن جو معمار عمران نيازي پاڻ هو، پي ٽي آءِ باني نيڪ نيتي سان درخواست داخل نه ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.