ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪامورن لاءِ اربين رپين جي نين گاڏين جي خريداري کان سنڌ حڪومت کي روڪي ڇڏي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌ حڪومت پاران ڪامورن لاءِ نيون گاڏيون خريد ڪرڻ واري فيصلي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جماعت اسلامي جي ايم پي اي محمد فاروق سميت ٻين درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ 138 نيون گاڏيون خريد ڪري رهي آهي، جنهن تي 2 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا، اها رقم عوام جي ٽيڪس جي پئسي مان ادا ڪئي ويندي، درخواستگذار وڌيڪ چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ موجب ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 28سيڪڙو آهي، سنڌ جي عوام کي صحت ۽ تعليم جون بنيادي سهولتون نه آهن، عوام جي ٽيڪس جي پئسن مان ڪامورن لاءِ ڊبل ڪبين گاڏيون خريد ڪرڻ سان عوام کي ڪهڙو رليف ملندو؟، اختيارن جو غلط استعمال ڪندي عوام جا پئسا خرچ ڪيا پيا وڃن، خريداري جي حوالي سان 3 سيپٽمبر واري حڪومتي نوٽيفڪيشن کي معطل ڪيو وڃي، جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين نوٽيفڪيشن تي عمل روڪي ڇڏيو ۽ ڌرين کان چئن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهٽيڪس جي پئسن مان ڊبل ڪبين گاڏيون خريدڻ سان غريب عوام کي ڪهڙو رليف ملندو؟ خريداري چئلينج