فيض حميد معاملو عمران جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهڻ جي راند آهي: عائشه صديقه

اسلام آباد (رضا رومي): ناليواري دفاعي تجزيه نگار عائشه صديقه چيو آهي ته آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل فيض حميد جي گرفتاريءَ واري سڄي راند عمران خان جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهڻ لاءِ سجائي وئي آهي. هن چيو ته فوج فيض حميد جي آسپاس موجود ماڻهن کي سوگهو ڪري ثبوت هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنرل فيض حميد تي به عمران خان خلاف 9 مئي جي حوالي سان بيان ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. هن چيو ته فيض حميد کي سزا ڏني وئي ته هن وٽ اپيل جو حق آهي ۽ هو اپيل ڪندو. هي معاملو هڪ مهيني يا سال م ختم نه ٿيندو، هي هلندو، هن چيو ته فوج مقرر فيض حميد ۽ عمران خان لاءِ ٿوري همدردي رکندڙن کي به ڌمڪايو پيو وڃي ته اهڙي ڪوشش ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته عمران نظرياتي ورهاست جو نالو آهي، ماڻهن کي هن سان محبت يا 100 سيڪڙو انسيت ناهي. پهريان هنن جي ذهنن ۾ اها ڳالهه وڌي وئي ته نواز شريف، آصف زرداري ۽ ٻيا سياستدان ڪرپٽ آهن، عمران خان نئون چمڪندڙ ستارو آهي. هاڻي وري پراڻو سسٽم آندو پيو وڃي، جنهن کان ماڻهو نفرت ڪن ٿا. ان لاءِ انهن جو متبادل عمران خان آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.