جي يو آءِ کي 4 وزارتون، ڪي پي ۾ گورنر ۽ بلوچستان حڪومت جو حصو بڻائڻ جي آڇ

اسلام آباد (م ڊ) اپوزيشن پارٽي جمعيت علماءِ اسلام جي ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته حڪومتي وفد جي يو آءِ کي وفاد ۾ 4 وزارتن ۽ بلوچستان حڪومت جو حصو بڻجڻ جي آڇ ڪئي وئي پر مولانا فضل الرحمان جو موقف هو ته حڪومت سازي کان اڳ جي يو آءِ کي نظرانداز ڪيو ويو هو ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار نه ڪيو، هن وزيراعظم کان في الحال حڪومت جو حصو نه بڻجڻ جو چيو هو. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته حڪومتي وفد جي يو آءِ کي 4 هزارتون، بلوچستان حڪومت جو حصو بڻائڻ ۽ گورنر خيبرپختونخوا جو عهدو ڏيڻ جي آڇ ڪئي. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان ٻڌايو ته حڪومت سازي کان اڳ نظرانداز ڪيو ويو، حڪومت ٺاهڻ لاءِ مشاورت ضروري هوندي آهي، حڪومت ڪنهن ٻئي جي آهي ۽ بدنامي سياستدانن جي ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو جو اقليتي حڪومت آهي. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي ايشو ٽو ايشو سياست ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.