سنڌوءَ ۾ چاڙهه، هالا جي ڪچي ۾ 2 عورتون ٻڏي فوت

هالا(رپورٽ: عاقل ابڙو) سنڌو درياهه ۾ پاڻي تيزي سان چڙهڻ لڳو.سالارو ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي سنڌو درياءَ جي ڪناري تي رهندڙ ماڇي برادري جي عورتن پاران درياءَ جي ڪناري تي ڪم ڪار ڪندي پاڻي جي تيز وهڪرو لڳڻ سبب ٽن عورتن کي لوڙهي ڇڏيو. جاءِ واقعي تي موجود گهر ڀاتين جي دانهن تي اتي موجود ماڇي ۽ ملاح برادري جي غوتاخورن فوري طور درياءَ ۾ لهندي هڪ عورت فجور زال نظير ماڇي کي بيهوش جي حالت ۾ درياءَ مان ڪڍي ورتو.جڏهن ته درياءَ ۾ ٻڏي ويل ٻن عورتن جنهن ۾ هر هڪ بصران زال ميهار ماڇي ۽ ڀنڀريٰ ڌيءُ ميهار ماڇي کي ٽن ڪلاڪن جي لڳاتار جدوجهد بعد ٻنهي عورتن جي لاشن کي درياءَ مان ڪڍندي ٻيڙي ذريعي فوتي جي لاشن ۽ بيهوش عورت کي ھالا پراڻا بچاءَ بند درياءَ ڪناري تي پهچايو. جتي موجود سالارو ۽ هالا پراڻا پوليس فوتي ۽ بيهوش عورتن کي تعلقي اسپتال هالا پهچايو.

  • گهوٽڪي ويجھو 2 ٻارڙا پير ترڪڻ سبب واهه ۾ ٻڏي فوت

گهوٽڪي(رپورٽ:عرفان علي سومرو) گهوٽڪي ويجھو ڳوٺ امير بخش تلائي واسي 8 سالن جو نينگر قدرت الله پٽ عبدالرحيم  تلائي ۽ 6 سالن جو ذوالفقار پٽ صوبو تلائي راند ڪندي پير ترڪڻ سبب ڏنگڙي واهه ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويا. واقعي بعد ڳوٺاڻن پهچي نينگر جا لاش ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيا جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا،هوڏانهن اهڙي واقعي بعد نينگرن جي وارثن ۾ قهرام ۾ مچي ويو.

  • پراڻ ندي ۾ خطرناڪ حد تائين چاڙھه باوجود پاڻي ڇوڙ، درجنين ڳوٺ ٻڏڻ جو خدشو

کوسڪي (رپورٽ: محمد حنيف) کوسڪي لڳ پراڻ ندي جي پاڻي ۾ خطرناڪ حد تائين چاڙھه باوجود پاڻي وڌڻ جو سلسلو نه رُڪيو آهي، تازي ٻيڙي ٻڏڻ  واري واقعي باوجود انتظاميا اک نه پٽي آهي. پراڻ ندي جي تعميراتي ڪم ۾ وڏي پئماني تي لاپرواھي ۽ ڪرپشن سبب درجنين ڳوٺ ٻڏڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، پراڻ ندي گهارو لڳڻ جي صورت ۾ پاڻي سڄي علائقي کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندو. حڪمران ڌر جا نمائنده پراڻ ندي جا گيٽ کولائڻ ۽ بند ڪرائڻ جي سياست تائين محدود ٿي ويا آھن، مختلف وقتن تي جڳاڙي ڪاٺين جي پل تان ڪراس ڪرڻ دوران هن محل تائين پنج ماڻھو ٻڏي فوت ٿي چڪا آهن. ٻئي طرف سڄاڻ ڌرين ۽ مقامي اسٽيڪ هولڊرن محمد خان لنڊ، عزيز الله ڏيرو، عظيم لنڊ ۽ بزرگ سماجي اڳواڻ جمع خان ٻٻر، بزرگ ڪامريڊ بلاول خان لنڊ، سياسي اڳواڻ مولابخش خان لنڊ، عالم دين، حاجي محمد حسن لنڊ ۽ ٻين سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته هڪ منصوبي تحت پراڻ ندي جو ناقص تعميراتي ڪم ڪري ڪيترن ئي ماڻھن کي ٻوڙي مارڻ جي منصوبا بندي ڪئي وئي آهي.

  • ڪوٽڙي بئراج تي چاڙهه برقرار، سکر ۽ گڊو بئراج نارمل

سکر (رپورٽ :آزاد مهر) ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو چاڙھ برقرار، ڊائون اسٽريم ۾ 3 لک 35 ھزار ڪيوسڪ پاڻي وھڪرن ۾ 24 ڪلاڪن  دوران 30 ھزار ڪيوسڪ پاڻي ۾ لاٿ، دادو مورو پل ۽ منڇر ڍنڍ ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي. سکر ۽ گڊو بئراج تي پاڻي جي نارمل پوزيشن آھي. ان ڏس ۾ سکر بئراج ڪنٽرول روم جي انچارج مولانا عبدالعزيز سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گذريل 24ڪلاڪن دوران ڪوٽڙي بئراج وٽ 30ھزار ڪيوسڪ پاڻي ۾ لاٿ اچي وئي آھي. جتي ايندڙ 36ڪلاڪن بعد پاڻي جي چاڙهه ۾ گھٽائي اچي ويندي، جڏھن ته دادو مورو پل وٽ پڻ ھڪ فوٽ پاڻي ۾ لاٿ اچڻ بعد ھن وقت پاڻي جي سطح 125.5فوٽن تي پھتل آھي. ٻئي طرف بلوچستان جي جھل مگسي، خضدار ۽ کيرٿر جبل جو پاڻي گذري وڃڻ بعد منڇر ڍنڍ ۾ پڻ لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آھي، ڍنڍ جي ليول 116.45 فوٽن تي آھي. ھوڏانھن ملڪ جي مٿانھين علائقن، ڊي جي خان، راجن پور جي پھاڙن ۽ چناب زون مان ايندڙ پنجاب جي بئراجن وارو پاڻي سکر ۽ گڊو بئراجن وٽان گذرڻ بعد ھن وقت ڪوٽڙي بئراج وٽان گذري رھيو آھي، سکر ۽ گڊو بئراجن وٽ وچولي درجي واري ٻوڏ ختم ٿي وئي آهي بئراج نارمل پوزيشن ۾ اچي ويا، ٻئي طرف ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب سکر بئراج جي رائٽ پاڪيٽ وارن دروازن جي سامهون سلٽ وڌڻ سبب ڪئنالن ۾ پاڻي کڻڻ واري ليول پڻ گھٽجي وئي آھي. ھن وقت ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانھون وھڪرو 3 لک 21 ھزار 255 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 3 لک 13 ھزار 980 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانھون وھڪرو 1 لک 94 ھزار  850 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 1لک  59ھزار 800 ڪيوسڪ آھي، سکر بئراج جي سمورن واھن ۾ معمول موجب پاڻي ڇڏيو ويو آھي.گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانھون وھڪرو 2 لک 31 ھزار 307 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 2 لک 580 ڪيوسڪ آھي.

  • ٻوڏ متاثرن جو ٿر ڏانهن رخ، ڀٽن تي جهوپڙيون اڏي ڇڏيون

ڪراچي(م ڊ) سنڌ ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهو بي وس بڻيل آهن، متاثر خاندانن ٿرپارڪر جو رخ ڪيو آهي، ٿر جي ڀٽن  تي مختلف هنڌن تي عارضي ڪئمپون قائم ڪري ڇڏيون آهن.بدين جي تعلقي گولاڙچي ۽ ٻين علائقن ۾ تيز برساتن سبب سوين ڪچا گهر ڊهي پيا ۽ ڪيترائي ڍور مري ويا آهن، علائقا ٻڏڻ ڪري متاثر ماڻهن مٺي-حيدرآباد مکيه روڊ تي ڪيترن ئي ماڻهن پناهه وٺي ڇڏي آهي.جيڪي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، پيئڻ جو صاف پاڻي نه ملڻ سبب مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، سندن روزگار به ختم ٿي ويو آهي، هنن سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا ۽ سرندي وارن کان مدد جي اپيل ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.