لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل منير افسر کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ نادرا چيئرمين جي مقرري خلاف درخواست منظور ڪندي ليفٽيننٽ جنرل منير افسر جي مقرري ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي.
شهري اشبا ڪامران نادرا چيئرمين جي مقرري کي چئلينج ڪيو هو، جسٽس عاصم حفيظ اشنا ڪامران جي درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌايو.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته نگران حڪومت نادرا قانون ۾ ترميم ڪري حاضر سروس آرمي آفيسر جي مقرري جي منظوري ڏني، نگران حڪومت مستقل پاليسي معاملن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي هئي ته لاهور هاءِ ڪورٽ نادرا ترميمي رولز کي ڪالعدم قرار ڏئي، عدالت حاضر سروس فوجي آفيسر جي نادرا چيئرمين طور مقرري ڪالعدم قرار ڏئي.
You might also like