ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪارساز روڊ تي پيش آيل ٽريفڪ حادثي جي ڪيس ۾ ڌرين ۾ معاملا طئي ٿي ويا.
فوتي عمران عارف ۽ آمنه عارف جي وارثن حلف ناما تيار ڪرائي ورتا، جيڪي جوابدار جي ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي ۾ پيش ڪيا ويندا.
حادثي ۾ فوت ٿيل پيءُ ۽ ڌيءُ جي وارثن طرفان جوابدار عورت جي ضمانت جي درخواست تي نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايو ويندو، اين او سي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ عمران عارف جي گهرواري طرفان جمع ڪرايو ويندو.
عمران عارف جي پٽ اسامه عارف ۽ ڌيءُ طرفان به اين او سي جمع ڪرايا ويندا.
حلف نامي ۾ چيو ويو آهي ته اسان جا معاملا طئي ٿي ويا آهن، اسان جوابدار کي معاف ڪري ڇڏيو آهي، اسان الله جي نالي تي معاف ڪيو آهي، جيڪو وڏو مهربان ۽ نهايت رحم وارو آهي.
متاثر فيملي جي حلف نامي ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار کي ضمانت ٿيڻ تي اسان کي ڪو اعتراض نه هوندو، حادثو ڄاڻي واڻي نه ڪيو ويو، اسان بنا ڪنهن دٻاءَ جي اهو سرٽيفڪيٽ ڏنو آهي، اسان حلف نامي ۾ جيڪو ڪجهه چيو آهي اهو بلڪل درست آهي.
Prev Post
You might also like