پي ٽي آءِ کي 41 شرطن تحت 8 سيپٽمبر تي جلسي جي اجازت

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا  تحريڪ انصاف کي 8 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ضلعي انتظاميا طرفان اجازت نامو تحريڪ انصاف جي ضلعي صدر عامر مغل نالي جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 41 مختلف شرط لڳايا ويا آهن، جن تي عمل لاءِ پي ٽي آءِ کي پابند بڻايو ويو آهي، پي ٽي آءِ کي جي ٽي روڊ سنگنجاني ڀرسان پسوال روڊ تي کليل هنڌ تي جلسي جي اجازت ڏني وئي آهي ۽ شرڪت ڪندڙن لاءِ روٽ پلان جاري ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته پي ٽي آءِ اسلام آباد جي ترنول واري هنڌ تي جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، شرطن ۾ چيو ويو آهي ته رياست مخالف يا مذهبي نفرت وارن نعرن جي اجازت نه هوندي، اجازت نامي ۾ اهو به چيو ويو ته اجازت صرف 8 سيپٽمبر تي جلسي لاءِ آهي، ڌرڻي جي اجازت نه هوندي، جلسو شام 4 وڳي کان 7 وڳي تائين ڪرڻ جي اجازت هوندي، شرڪت ڪندڙن کي ان ئي رات جو واپس وڃڻو پوندو، جلسي دران شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.